- Advertisement -
تنگواڻي ويجهو پوليس ڏوهارين خلاف سرچ آپريشن دوران ڪجهه شڪي ماڻهو گرفتار ڪري ڏوهارين جا ڪيترائي ٿاڪ ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيا.
ڊيراسرڪي ٿاڻي جي پوليس ايس پي سي چين ساڻ ڪري جمال جي ڪچي واري علائقي ۾ ڏوهارين خلاف سرچ آپريشن ڪيو.
سرچ آپريشن دوران پوليس ۽ ڏوهارين ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ ٿي جڏهن ته پوليس ڪجهه شڪي ماڻهن کي گرفتار ڪري ورتو.
پوليس سرچ آپريشن دوران ڏوهارين جا ڪيترائي ٿاڪ ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيا.
ڊيراسرڪي پوليس جو چوڻ آهي ته جيستائين ڏوهاري گرفتار نه ٿيندا تيستائين آپريشن جاري رهندو.- Advertisement -
