- Advertisement -
کڏهر ڀرسان چيني شهرين جي گاڏي کاهي ۾ ڪري پئي، سندن حفاظت لاءِ مقرر ٿيل 3 پوليس اهلڪار زخمي ٿي پيا.
چيني شهرين جي سڪيورٽي لاءِ سندن ويگو گاڏي ۾ ڪراچي کان نوابشاھه طرف اچي رهيا هئا ته مهراڻ هاءِ وي جي زيرو پوائنٽ وٽان موڙ تي تيز رفتاري سبب گاڏي ڊرائيور جي ڪنٽرول مان نڪري روڊ ڀرسان کاهي ۾ ڪري پئي.
روڊ حادثي ۾ 3 پوليس اهلڪار سخت زخمي ٿي پيا، جڏهن ته گاڏي ۾ سوار چيني شهري معجزاڻي طور محفوظ رهيا.
اطلاع تي کڏهر پوليس واقعي واري هنڌ پهچي زخمي اهلڪارن مير حسن جمالي، بخشڻ جمالي ۽ ذوالفقار جمالي کي نوابشاهه اسپتال منتقل ڪيو ، جتي سندن علاج هلندڙ آهي.
زخمي اهلڪارن مان ھڪ ڄڻي مير حسن جمالي جي حالت نازڪ ٻڌائي پئي وڃي جنھن کي آءِ سي يو وارڊ ۾ داخل ڪيو ويو آهي.- Advertisement -
