- Advertisement -
سنڌ حڪومت ايم ڊي ڪيٽ ٽيسٽ سينٽرن جي علائقن ۾ قلم 144 لاڳو ڪري ڇڏيو، نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪيو ويو آهي.
ذريعن موجب سڀاڻي سنڌ جي 6 مختلف ٽيسٽ سينٽرن تي پوليس جو سخت پهرو رهندو، جڏهن ته موبائل سگنلس پڻ معطل رهندا.
سڀاڻي ڊائو يونيورسٽي اوجھا ڪيمپس ۽ اين اي ڊي يونيورسٽي ڪراچي ۾ ٽيسٽ ٿيندي، لمس يونيورسٽي ڄامشورو، بلاول اسپورٽس ڪامپليڪس نوابشاهه، پي ٽي ايس لاڙڪاڻو ۽ آءِ بي اي سکر ۾ ميڊيڪل ٽيسٽ جو پرچو ورتو ويندو.
پرچي دوران سنڌ حڪومت طرفان ڇهن ئي ٽيسٽ سينٽرن جي علائقن ۾ قلم 144 لاڳو ڪيو ويو آهي، نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته جنرل ٽريفڪ ۽ عام ماڻهن تي پابندي هوندي، ڀڃڪڙي ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي.
نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته سينٽرن اندر موبائل فون، ليڊيز پرس، پڙهڻ جي مواد ۽ ڊجيٽل ڊوائسز تي پابندي هوندي…….- Advertisement -
