- Advertisement -
ڪراچي جي علائقي بلوچ ڪالوني ويجهو آئل ٽينڪر ڪار مٿان ڪلٽي ٿيڻ جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو فوت ٿي ويو، حادثي سبب قيوم آباد کان بلوچ ڪالوني ايندڙ پل ٽريفڪ لاءِ بند ڪئي وئي آهي.
بلوچ ڪالوني ويجهو تيز رفتار آئل ٽينڪر گاڏي مٿان ڪلٽي ٿي پيو.
حادثي ۾ هڪ ڄڻو ٽينڪر هيٺاڻ دٻجي فوت ٿي ويو.
اطلاع تي پوليس ۽ امدادي ٽيمن پهچي فوتي جو لاش گاڏي مان ٻاهر ڪڍي اسپتال منتقل ڪيو، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو.
حادثي سبب قيوم آباد کان بلوچ ڪالوني ايندڙ پل ٽريفڪ لاءِ بند ڪئي وئي آهي، جڏهن ته ريسڪيو آپريشن جاري آهي.
بلوچ ڪالوني پل بند ٿيڻ سبب مختلف روڊن تي ٽريفڪ جي رواني متاثر آهي ۽ شاهراهه فيصل تي به ٽريفڪ جي رواني سست رفتاري جو شڪار آهي.
شاهراهه قائدين ۽ ڪورنگي روڊ تي به ٽريفڪ جي رواني متاثر آهي.
هوڏانهن ميرواهه گورچاڻي ويجهو ٽرالر جو ٽڪر لڳڻ سبب هڪ ڄڻو فوت ٿي ويو.
بس اسٽاپ وٽ حادثي ۾ نوجوان مهيش ڀيل فوت ٿي ويو.
اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي نوجوان جو لاش کڻائي اسپتال منتقل ڪيو، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو.- Advertisement -
