تازه ترين

ڪراچي سرڪلر ريلوي ۽ ڪراچي کان سکر هاءِ اسپيڊ ٽرين منصوبا سنڌ لاءِ گيم چينجر ثابت ٿيندا: شرجيل

- Advertisement -
سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته ڪراچي سرڪلر ريلوي ۽ ڪراچي کان سکر هاءِ اسپيڊ ٽرين سنڌ حڪومت جا انتهائي اهم ۽ ترجيحي منصوبا آهن جيڪي مستقبل ۾ صوبي لاءِ گيم چينجر ثابت ٿيندا. ڪراچي ۾ ورلڊ بئنڪ جي وفد سان ملاقات دوران شرجيل ميمڻ عالمي اداري کان ٻنهي منصوبن ۾ سهڪار جي اپيل ڪئي. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته سنڌ حڪومت چاهي ٿي ته ورلڊ بئنڪ ريلوي ۽ هاءِ اسپيڊ ٽرين سميت ٽرانسپورٽ منصوبن ۾ سهڪار ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري. ملاقات دوران صوبائي وزير وفد کي ييلو لائن بي آر ٽي جي جاري ڪم بابت پڻ تفصيل سان آگاهه ڪيو. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته ييلو لائن جو اهم حصو تاج حيدر پل جو هڪ سيڪشن مڪمل ٿي چڪو آهي، جڏهن ته ٻئي حصي تي ڪم تيزي سان جاري آهي. شرجيل انعام ميمڻ عالمي بئنڪ کان ييلو لائن سميت ٽرانسپورٽ منصوبن لاءِ وڌيڪ ۽ بروقت سهڪار جي ضرورت تي زور ڏنو. سندس چوڻ هو ته ته عوام کي سستو، محفوظ ۽ تيز ترين سفر فراهم ڪرڻ سنڌ حڪومت جي پهرين ترجيح آهي هن ٻڌايو ته تازو وفاقي حڪومت گرين لائن بي آر ٽي سنڌ حڪومت جي حوالي ڪئي آهي، جنهن کان پوءِ گرين لائن جي روزاني سواري ۾ 33 هزار واڌ رڪارڊ ڪئي آهي. سينيئر صوبائي وزير چيو ته ڪراچي ۾ شهري چرپر لاءِ وڌيڪ بسن جي ضرورت آهي، جنهن لاءِ ورلڊ بينڪ جي مدد اهم ثابت ٿي سگهي ٿي. ورلڊ بينڪ جي وفد سنڌ حڪومت جي ٽرانسپورٽ شعبي ۾ قدمن جي واکاڻ ڪندي چيو ته ڪراچي خطي جو انتهائي اهم شهر آهي ۽ وچ ايشيا تائين رسائي لاءِ اهم اسٽريٽجڪ مقام رکي ٿو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
4 watching
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
Pakistan
clear sky
13.1 ° C
13.1 °
13.1 °
12 %
2.3kmh
0 %
خميس
13 °
جمعو
14 °
ڇنڇر
15 °
آچر
16 °
سُومر
15 °

تازه ترين خبرون