پي ٽي آءِ جي ڀڳوڙن پهريان پاڪستان کي لُٽيو ۽ هاڻي ٻاهرين ملڪن ۾ رهندڙ پاڪستانين کان پئسا گڏ ڪري عيش واري زندگي گذاري رهيا آهن : خواجه آصف

- Advertisement -
بچاءَ واري وزير خواجه آصف پي ٽي آءِ جي ٻاهرين ملڪن ۾ رهندڙ اڳواڻن تي سخت تنقيد ڪندي چيو آهي ته پي ٽي آءِ جي ڀڳوڙن پهريان پاڪستان کي لُٽيو ۽ هاڻي ٻاهرين ملڪن ۾ رهندڙ پاڪستانين کان پئسا گڏ ڪري عيش واري زندگي گذاري رهيا آهن. ، ايڪس تي هڪ بيان خواجه آصف چيو ته جيڪڏهن کين همت آهي ته اهي پاڪستان اچن ۽ هتي سياسي جنگ وڙهن، يورپ ۾ پاڪستان لاءِ جي ايس پي پلس سهولت خلاف لابنگ ڪندي، اهي عنصر قوم دشمني ۽ غداري ڪري رهيا آهن. بچاءَ واري وزير چيو ته بينظير ڀٽو شهيد ۽ نواز شريف به سياسي آزمائشون ڏٺيون پر ڪڏهن به ملڪ جي مفادن کي نشانو نه بڻايو، هنن پاڪستان جي ڌرتي تي سياسي جنگيون وڙهيون ۽ ان جي قيمت ادا ڪئي پر رياست ۽ قوم کي نقصان پهچائڻ جو نه سوچيو. خواجه آصف دعويٰ ڪئي ته پاڪستان مخالف ڪردار ادا ڪندي باني پي ٽي آءِ ۽ سندس ٽيم پهريان آءِ ايم ايف کي خط لکي ملڪ کي ڏيوالو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ هاڻي پاڪستان جي برآمدات کي نقصان پهچائڻ لاءِ عالمي سطح تي لابنگ ڪري رهيا آهن. هن وڌيڪ چيو ته هندستان اهو سڀ ڪجهه ڪري ته اهو سمجھه ۾ اچي ٿو، پر جڏهن پاڻ کي پاڪستاني سڏائيندڙ ملڪ دشمني جو مظاهرو ڪندا ته کين غدار سڏيو ويندو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
7 watching
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
Pakistan
clear sky
27.6 ° C
27.6 °
27.6 °
29%
3m/s
2%
آچر
29 °
سُومر
31 °
اڱارو
32 °
اربع
31 °
خميس
29 °

تازه ترين خبرون