- Advertisement -
ڪيڊٽ ڪاليج پيٽارو ۾ 62هين والدين ڏهاڙي جي تقريب ڪوٺائي وئي، جنهن ۾ سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه خاص مهمان طور شرڪت ڪئي.
تقريب ۾ وڏي وزير مراد علي شاهه سميت ڪاليج بورڊ آف گورنرز جا ميمبر، رٽائرڊ فوجي، حاضر سروس عملدار، سنڌ حڪومت جا آفيسر، چونڊيل نمائندا توڙي ڪيڊٽس جا والدين شريڪ ٿيا.
تقريب کي خطاب ڪندي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جو چوڻ هو ته ڪيڊٽ ڪاليج پيٽارو هڪ نرالو ۽ بهترين درسگاهه آهي، 62هين والدين جي ڏهاڙي تي تقريب کي خطاب ڪرڻ سندس لاءِ خوشي جي ڳالهه آهي.
وڏي وزير چيو ته ڪاليج مان تعليم حاصل ڪندڙن زندگي جي هر شعبي ۾ پاڻ مڃايو آهي، ملڪ جو ٻيو ڀيرو چونڊيل صدر آصف علي زرداري به ڪيڊٽ ڪاليج مان تعليم حاصل ڪئي.
وڏي وزير اداري کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ لاءِ سنڌ حڪومت جي سهڪار جي خاطري ڪرائيندي ڪيڊٽ ڪاليج پيٽارو لاءِ 1.5 ميگاواٽ سولر سسٽم فراهم ڪرڻ سميت سڀني ملازمن کي سندن محنت عيوض ٻن مهينن جي گڏيل پگهار ڏيڻ جو به اعلان ڪيو.
وڏي وزير ڪاليج جي سالياني رپورٽ پيش ڪرڻ تي پرنسپال کي مبارڪباد پيش ڪندي چيو ته حيدرآباد فيڊرل بورڊ ۽ ڪيمبرج سسٽم جا حاصل ڪيل نتيجا ساراهه جوڳا آهن.
ان موقعي تي وڏي وزير مراد علي شاهه جناح هائوس جي ڪيڊٽ ابوالحسن، لطيف هائوس جي اڳوڻي ڪيڊٽ واثق شڪيل ۽ اڳوڻي چيف ڪيڊٽ ڪيپٽن شاهه مجتبيٰ شارق کي محمد بن قاسم هائوس اسٽيڪ آف آنر کٽڻ تي مبارڪباد پيش ڪئي.
ان کان اڳ تقريب ۾ ڪيڊٽس طرفان مهمان خاص کي سلامي ۽ گارڊ آف آنر پيش ڪيو ويو، تقريب ۾ ڪيڊٽس پاران پريڊ، پي ٽي شو، جمناسٽڪ، ٽائيگر اسڪواڊ ڊرل، ٽينٽ پيڪنگ ۽ هارس شو جمپنگ جي ريهرسل ڪئي وئي آهي
تقريب ۾ حيدرآباد تعليمي بورڊ مان پوزيشن ماڻيندڙ توڙي مختلف شعبن ۾ نمايان ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ ڪيڊٽس کي شيلڊون ۽ انعام پڻ ڏنا ويا آهن، جڏهن ته ڪيڊٽس پاران پيش ڪيل سائنس، آرٽس ۽ ثقافتي نمائش لڳائي وئي آهي.
تقريب ۾ شريڪ مهمانن نمائش جو دورو ڪري شاگردن جي ڪم کي ساراهيو.- Advertisement -
