تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

ڪي اليڪٽرڪ جي سي اي او کي سنڌ هائيڪورٽ مان وڏو رليف ملي ويو

- Advertisement -
ڪي اليڪٽرڪ جي سي اي او کي سنڌ هائيڪورٽ مان وڌيڪ رليف ملي ويو، عدالت مونس علوي کي هٽائڻ  بابت منع نامي ۾ 12 سيپٽمبر تائين واڌ ڪري ڇڏي. جسٽس محمد اقبال ڪلهوڙي جي سربراهيءَ ۾ 2 رڪني بينچ ۾ ڪي اليڪٽرڪ جي سي اي او کي عهدي تان هٽائڻ واري صوبائي محتسب اعليٰ جي فيصلي خلاف درخواست جي ٻڌڻي ٿي. مونس علوي پنهنجي وڪيل بئريسٽر عابد زبيري سان گڏ عدالت ۾ پيش ٿيو. صوبائي محتسب اعليٰ ۽ متاثر عورت لکت ۾ جواب جمع ڪرائي ڇڏيا. وڪيل عابد زبيري چيو ته مونس علوي ڏنڊ جا 25 لک رپيا سنڌ هائيڪورٽ جي اڪائونٽ ۾ جمع ڪرائي ڇڏيا آهن. متاثر عورت جي وڪيل چيو ته مونس علوي سنڌ جي گورنر ڪامران ٽسوري وٽ سندس خلاف اپيل به داخل ڪئي. جسٽس اقبال احمد ڪلهوڙي ريمارڪس ڏنا ته ٺيڪ آهي، هو درخواست کي اڪلائيندا، گورنر درخواست تي پنهنجو فيصلو ڏئي. درخواست ڏيندڙ عورت جي وڪيل چيو ته هي درخواست ٻڌڻ جوڳي ناهي. صوبائي محتسب جي وڪيل بئرسٽر ايان چيو ته گورنر کي ٻڌڻي کان روڪيو وڃي، هي هڪ اڳوڻو سيشن جج آهي، هن بيان رڪارڊ ڪيا هئا، هو هتي ڪيئن پيش ٿي سگهي ٿو؟. جسٽس اقبال ڪلهوڙي پڇاڻو ڪيو ته ڇا توهان ثبوت رڪارڊ ڪيا آهن ؟، سنڌ جو گورنر اپيل ٻڌي سگهي ٿو، هو کيس ڇو روڪن؟. عدالت جمع ڪرايل جواب تي جواب طلب ڪري ورتو. عدالت مونس علوي کي هٽائڻ  بابت منع نامي ۾ 12 سيپٽمبر تائين واڌ ڪندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي……..
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
25.7 ° C
25.7 °
25.7 °
15 %
3.3kmh
100 %
خميس
25 °
جمعو
25 °
ڇنڇر
23 °
آچر
23 °
سُومر
26 °

تازه ترين خبرون