- Advertisement -
ڪڪڙ ويجهو پوليس پاران مبينا مقابلي دوران هڪ ڏوهاري کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي وئي.
چوڪنڊي لنڪ روڊ تي پوليس ۽ ڏوهاري وچ ۾ مبينا مقابلو ٿي پيو.
پوليس جو چوڻ آهي ته فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ هڪ ڏوهاري راجا کوسو زخمي ٿي پيو، جڏهن ته سندس ٻه ساٿي فرار ٿي ويا.
پوليس موجب گرفتار ڪيل جوابدار چوري، ڦر ۽ ڌاڙن جي ڪيسن ۾ گهربل هو .
پوليس جو چوڻ هو ته زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيل ڏوهاري کي طبي امداد لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي….- Advertisement -
