تازه ترين

آءِ ايم ايف پاڪستان ۾ ڪرپشن کي معاشي ۽ سماجي ترقي ۾سڀ کان وڏي رنڊڪ قرار ڏئي ڇڏيو

- Advertisement -
آءِ ايم ايف پاڪستان ۾ ڪرپشن کي معاشي ۽ سماجي ترقي ۾سڀ کان وڏي رنڊڪ قرار ڏئي ڇڏيو. آءِ ايم ايف قرض پروگرام جي شرط جي طور تي پاڪستان لاءِ گورننس اينڊ ڪرپشن ڊائناسٽڪ اسيسمنٽ رپورٽ جاري ڪري ڇڏي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ملڪ ۾ ڪرپشن اڃا تائين هڪ سنگين چئلينج بڻيل آهي، جيڪا معاشي سرگرمين ۽ ادارن جي ڪارڪردگي متاثر ڪري رهي آهي. رپورٽ موجب، ڪرپشن سبب رياستي ادارن جو ڪنٽرول ڪمزور ٿيندو آهي، جڏهن ته ٽيڪسن جو درست ۽ شفاف استعمال يقيني ناهي ٿي سگهندو جنهن جي نتيجي ۾ مجموعي ٽيڪس آمدن متاثر ٿيندي آهي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ڪرپشن سبب قانوني نظام تي عوام جو اعتماد به سخت متاثر ٿيندو آهي. رپورٽ موجب، طاقتور يا سرڪاري ادارن سان جوڙيل ٽولا ڪرپشن جي سڀ کان خطرناڪ شڪل آهي، ملڪ ۾ ڪرپشن جو پراڻو مسئلو ملڪي ترقي کي نقصان پهچائي رهيو آهي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ملڪ ۾ ضرورت کان وڌيڪ ريگوليشن ۽ رنڊڪون هر شعبي جي ترقي کي متاثر ڪري رهيون آهن، ادارتي سڌارا، شفافيت کي هٿي ۽ مضبوط حڪمراني پاڪستان جي معاشي بهتري لاءِ اڻٽر آهي…….
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
12.6 ° C
12.6 °
12.6 °
13 %
3kmh
0 %
خميس
10 °
جمعو
14 °
ڇنڇر
15 °
آچر
16 °
سُومر
15 °

تازه ترين خبرون