تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

ڪرم ضلعي ۾ سڪيورٽي فورسز جون ٻه ڌار ڌار ڪارروايون، 30 دهشتگرد مارجي ويا

- Advertisement -
خيبرپختونخوا جي ڪرم ضلعي ۾ سڪيورٽي فورسز ڳجهي معلومات جي بنياد تي ٻه ڌار ڌار ڪارروايون ڪيون جن ۾ ڀارتي حمايت يافته 30 دهشتگرد مارجي ويا. آءِ ايس پي آر موجب خارجي دهشتگردن جي موجودگي جي اطلاع تي سڪيورٽي فورسز مهمند ضلعي ۾ آپريشن ڪيو. ترجمان موجب سڪيورٽي فورسز جي آپريشن دوران خارجي دهشتگردن جي ٿاڪن کي نشانو بڻايو ويو. ترجمان موجب آپريشن دوران چار خارجي دهشتگرد مارجي ويا. آءِ ايس پي آر موجب لڪي مروت ۾ به سڪيورٽي فورسز جي آپريشن جي نتيجي ۾ 2 دهشتگرد مارجي ويا آهن. ٻئي طرف ٽانڪ ۾ سڪيورٽي فورسز جي ٽئين ڪارروائي ۾ هڪ وڌيڪ دهشتگرد مارجي ويو. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته ڪرم ضلعي ۾ هڪ جاءِ تي خارجين جي موجودگي جو اطلاع ملڻ تي سڪيورٽي فورسز علائقي کي ڪڙو چاڙهيو. آءِ ايس پي آر موجب، ڪارروائي دوران فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ ڀارتي حمايت يافته 12 خارجي مارجي ويا آهن. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته ڪرم ۾ ئي دهشتگردن جي هڪ ٻي ٽولي جي موجودگي جي ڳجهي اطلاع تي سڪيورٽي فورسز آپريشن ڪيو. آءِ ايس پي آر موجب، ڪارروائي دوران 11 خارجين کي جهنم ڀيڙو ڪيو ويو. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته مارجي ويل خارجي ڀارتي سرپرستي ۾ دهشتگردي جي رٿابندي ۽ ڪاررواين ۾ ملوث هئا. آءِ ايس پي آر موجب، علائقي ۾ وڌيڪ دهشتگردن جي ڳولا لاءِ ڪليئرنس آپريشن جاري آهي. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته آپريشن عزم استحڪام تحت دهشتگردي جي خاتمي لاءِ آپريشن جاري رهندو، سڪيورٽي فورسز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا دهشتگردي جي خاتمي لاءِ پرعزم آهن……….
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
15.8 ° C
15.8 °
15.8 °
46 %
2kmh
100 %
اربع
16 °
خميس
18 °
جمعو
13 °
ڇنڇر
12 °
آچر
17 °

تازه ترين خبرون