تازه ترين

آءِ سي سي وومينز ٽي 20 ورلڊ ڪپ کان گڏيل عرب رياستن جي رياست شارجه ۾ شروع ٿي ويو

- Advertisement -
آءِ سي سي وومينز ٽي 20 ورلڊ ڪپ کان گڏيل عرب رياستن جي رياست شارجه ۾ شروع ٿي ويو. ٽورنامينٽ ۾ 10 ٽيمون حصو وٺي رهيون آهن. افتتاحي ميچ بنگلاديش ۽ اسڪاٽ لينڊ وچ ۾ شارجه ۾ کيڏي پئي وڃي. پاڪستاني ٽيم پنهنجي دوري جي شروعات اڄ شام شارجه ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ سريلنڪا خلاف ڪندي. پهريون ڀيرو ٽورنامنٽ ۾ آءِ سي سي پاران سمارٽ ريپلي سسٽم استعمال ڪيو پيو وڃي. ان سسٽم تحت 28 ڪيمرائن جي مدد سان ٽي وي امپائر کي بهتر فوٽيج فراهم ڪيا ويندا، اسٽمپنگ جو نئون نظام ٽي وي امپائر کي ٽن اينگلن کان فوٽيج ۽ فرنٽ آن کي هڪ فريم ۾ ڏيکاريندو. پاڪستاني ٽيم کي گروپ اي ۾ آسٽريليا، ڀارت، نيوزيلينڊ ۽ سريلنڪا سان گڏ رکيو ويو آهي. گروپ بي ۾ بنگلاديش، انگلينڊ، اسڪاٽ لينڊ، ڏکڻ آفريڪا ۽ ويسٽ انڊيز شامل آھن. فاطمه ثناءَ جي ڪپتاني ۾ پاڪستان جو مقابلو 6 آڪٽوبر تي دبئي ۾ ڀارت سان ٿيندو. هر گروپ مان ٽاپ ٻه ٽيمون 17 ۽ 18 آڪٽوبر تي سيمي فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪنديون، فائنل 20 آڪٽوبر تي کيڏيو ويندو. پاڪستاني ڪپتان فاطمه ثناءَ جو چوڻ آهي ته ايونٽ لاءِ سٺي تياري ڪئي آهي. ٻن وارم اپ ميچن پڻ مدد ڪئي آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
25 watching
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
Pakistan
clear sky
26 ° C
26 °
26 °
29 %
1.3kmh
0 %
جمعو
30 °
ڇنڇر
32 °
آچر
32 °
سُومر
35 °
اڱارو
36 °

تازه ترين خبرون