- Advertisement -
پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته آئيني ترميم لاءِ حڪومت جا نمبر پورا آهن پر سمورين سياسي پارٽين سان مشورو ڪيو ويندو، پارلياماني ڪميٽي جي اجلاس ۾ سمورين سياسي پارٽين پنهنجي راءِ پيش ڪئي آهي، آئيني ترميمن لاءِ سڀني سياسي پارٽين کي لچڪ جو مظاهرو ڪرڻو پوندو، پارليامينٽ جي بالادستي ۽ جمهوريت لاءِ قانونسازي تمام گهڻي اهم آهي، قانونسازي ۾ ڪنهن شخص کي فائدو پهچائڻ جي ڪا به سوچ ناهي، هڪ شخص وٽ اختيار هئڻ سان مسئلا پيدا ٿيندا آهن، ادارن کي مضبوط ڪرڻو پوندو.
ميڊيا سان ڳالهائيندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پارلياماني ڪميٽي جو تفصيلي اجلاس ٿيو، پيپلزپارٽي جو مسودو هنن ڪميٽي ۾ پيش ڪيو، حڪومت به وڪيل تنظيمن سان ٿيل صلاح مشوري ۽ تجويزن بابت آگاهه ڪيو.
سندس چوڻ هو ته مخالف ڌر جي پارٽين به آئيني ترميم بابت خيالن جو اظهار ڪيو، مولانا فضل الرحمان پيپلزپارٽي سان گڏجي متفقه مسودو تيار ڪرڻ جو عزم ورجايو.
پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته آئيني ترميم لاءِ حڪومت جا نمبر پورا آهن پر سمورين سياسي پارٽين سان مشورو ڪيو ويندو، پارلياماني ڪميٽي جي اجلاس ۾ سمورين سياسي پارٽين پنهنجي راءِ پيش ڪئي آهي.
هن چيو ته آئيني ترميمن لاءِ سڀني سياسي پارٽين کي لچڪ جو مظاهرو ڪرڻو پوندو، پارليامينٽ جي بالادستي ۽ جمهوريت لاءِ قانونسازي تمام گهڻي اهم آهي.
پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته قانونسازي ۾ ڪنهن شخص کي فائدو پهچائڻ جي ڪا به سوچ ناهي، هڪ شخص وٽ اختيار هئڻ سان مسئلا پيدا ٿيندا آهن، ادارن کي مضبوط ڪرڻو پوندو.- Advertisement -
