- Advertisement -
قومي اسيمبليءَ جي خصوصي ڪميٽي ۾ آئيني ترميمن تي ڪوبه اتفاق نه ٿيڻ سبب ڊيڊ لاڪ برقرار آهي، مسلم ليگ نون، پيپلزپارٽي، تحريڪ انصاف ۽ جي يو آءِ آئيني ترميم بابت پنهنجو مسودو ڪميٽي ۾ پيش ڪري ڇڏيو، ڪميٽي جو اجلاس سڀاڻي 12 وڳي ٻيهر ٿيندو.
قومي اسيمبليءَ جي خصوصي ڪميٽي جو اجلاس چيئرمين خورشيد شاهه جي صدارت هيٺ ٿيو.
اجلاس ۾ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، شيري رحمان، جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان، قانون وارو وزير اعظم نذير تارڙ، سينيٽر عرفان صديقي، پي ٽي آءِ چيئرمين بئريسٽر گوهر خان، عامر ڊوگر ۽ ٻين شرڪت ڪئي.
اجلاس دوران سمورن اڳواڻن پنهنجي پنهنجي آئيني مسودي تي خيالن جو اظهار ڪيو.
مسلم ليگ نون، پيپلزپارٽي، تحريڪ انصاف ۽ جي يو آءِ آئيني ترميم بابت پنهنجو مسودو ڪميٽي ۾ پيش ڪري ڇڏيو.
ڪميٽي ۾ آئيني ترميمن تي ڪوبه اتفاق نه ٿيڻ سبب ڊيڊ لاڪ برقرار آهي، جڏهن ته ڪميٽي جو اجلاس سڀاڻي 12 وڳي ٻيهر ٿيندو.- Advertisement -
