- Advertisement -
آمريڪا اڳوڻن فوجين جي گرفتاريءَ کي پاڪستان جو اندروني معاملو قرار ڏئي ڇڏيو، پينٽاگون ترجمان جو چوڻ آهي ته اڳوڻي فوجين جي گرفتاري پاڪستان جو اندروني معاملو آهي، علاقائي سلامتي ۽ گڏيل ٽارگيٽ حاصل ڪرڻ لاءِ پاڪستان جي مدد جاري رکي ويندي.
پينٽاگون جي ترجمان ميجر جنرل پيٽرڪ رائيڊر پنهنجي بيان ۾ چيو ته پاڪستان ۽ آمريڪا وچ ۾ ڀائيواري آهي.
سندس چوڻ هو ته اڳوڻن فوجين جي گرفتاري پاڪستان جو اندروني معاملو آهي، آمريڪا، پاڪستان سان ڪم ڪرڻ لاءِ عزم آهي.
پينٽاگون جي ترجمان ميجر جنرل پيٽرڪ رائيڊر چيو ته علاقائي سلامتي ۽ گڏيل ٽارگيٽ حاصل ڪرڻ لاءِ پاڪستان جي مدد جاري رکي ويندي، ٻنهي ملڪن جي فوجي ۽ سياسي قيادت ۾ ٻه طرفي معاملن بابت ڳالهيون ٿينديون رهنديون آهن، هو اڳوڻن فوجين جي گرفتاري جي رپورٽ کان آگاهه آهن.- Advertisement -
