تازه ترين

آمريڪا جي پنجن وڏن خابرو ادارن پينٽاگون پاران جاري ڪيل نون ضابطن تي ڳڻتي ظاهر ڪندي انهن کي رد ڪري ڇڏيو

- Advertisement -
- Advertisement -

آمريڪا جي پنجن وڏن خابرو ادارن پينٽاگون پاران جاري ڪيل نون ضابطن تي ڳڻتي ظاهر ڪندي انهن کي رد ڪري ڇڏيو آهي.

اَي بي سي، سي بي ايس، سي اين اين، اين بي سي ۽ فاڪس نيوز گڏيل بيان جاري ڪيو جيڪو سي اين اين ڪميونيڪيشن جي سوشل ميڊيا اڪائونٽس تي شيئر ڪيو ويو.

خابرو ادارن جو چوڻ آهي ته نيون گهرجون صحافين جي ملڪ ۽ دنيا کي اهم قومي سلامتي مسئلن بابت آگاهي ڏيڻ جي صلاحيت کي محدود ڪري ڇڏينديون.

نيوز ادارن نئين پاليسي کي بنيادي صحافتي تحفظ لاءِ خطرو قرار ڏنو.

بيان ۾ چيو ويو آهي ته، اڄ هو ٻين ادارن سان شامل ٿي پينٽاگون جي نئين ضابطن کي قبول ڪرڻ کان انڪار ڪن ٿا، جيڪي صحافين جي ملڪ ۽ دنيا کي اهم قومي سلامتي جي مسئلن بابت آگاهي ڏيڻ جي صلاحيت کي محدود ڪري ڇڏيندا.

نيوز ادارن وڌيڪ چيو ته اُهي آزاد ۽ خودمختيار پريس جي اصولن کي برقرار رکندي آمريڪي فوج کي ڪوريج جاري رکندا ۽ ڪنهن به صورت ۾ آزاد ۽ خودمختيار صحافت جي اصولن تي سوديبازي نه ڪئي ويندي.

- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
15.6 ° C
15.6 °
15.6 °
26 %
2kmh
0 %
ڇنڇر
24 °
آچر
24 °
سُومر
23 °
اڱارو
23 °
اربع
24 °

تازه ترين خبرون