تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

خيبرپختونخوا جو وڏو وزير اجلاس ۾ ويهي ڳالهائڻ تي يقين نه ٿو رکي: عطا تارڙ

- Advertisement -
سڌ سماءِ واري وفاقي وزير عطا تارڙ چيو آهي ته خيبرپختونخوا جو وڏو وزير اجلاس ۾ ويهي ڳالهائڻ تي يقين نه ٿو رکي، عوام ٽي ايل پي ۽ تحريڪ انصاف جي احتجاج واري ڪال کي رد ڪري ڇڏيو. اسلام آباد ۾ ميڊيا سان  ڳالهائيندي عطا تارڙ چيو ته وزيراعظم شهبازشريف جي صدارت هيٺ افغان پناهگيرن ۽ سندن واپسيءَ بابت اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سمورن ادارن ۽ صوبن جي نمائندگي موجود هئا،  ڪي پي جي وڏي وزير اجلاس ۾ شرڪت نه  ڪئي، سندس جاءِ تي مزمل اسلم سندس نمائندگي ڪئي. هن چيو ته صوبي جي امن امان جي صورتحال بابت اجلاس ۾ وڏي وزير جي موجودگي ضروري هئي پر سهيل آفريدي اجلاس ۾ ويهي ڳالهائڻ تي يقين نٿو رکي. عطا تارڙ چيو ته اجلاس ۾ افغان پناهگيرن جي واپسيءَ بابت اهم فيصلا ڪيا ويا، الله جي فضل سان سندن پرڏيهي پاليسي ڪامياب   ٿي رهي آهي، حق جي جنگ بعد پاڪستان کي سنجيدگيءَ سان ورتو پيو وڃي، حڪومتي قدمن سان ملڪي پاسپورٽ جي وقار ۾ اضافو ٿيو آهي. سڌ سماءَ واري وفاقي وزير چيو ته عوام ٽي ايل پي ۽ تحريڪ انصاف جي احتجاج جي ڪال کي رد ڪري ڇڏيو، بي مقصد احتجاج جي سڏ ج  اهڙو ئي نتيجو نڪرندو آهي……………
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
19.2 ° C
19.2 °
19.2 °
24 %
1.7kmh
0 %
خميس
29 °
جمعو
31 °
ڇنڇر
31 °
آچر
29 °
سُومر
26 °

تازه ترين خبرون