- Advertisement -
آمريڪي بچاءَ وزير پيٽ هيگسٿ ڪوالالمپور ۾ پنهنجي ڀارتي هم منصب راج ناٿ سنگهه سان ملاقات ڪري معاهدي جو اعلان ڪيو.
سماجي رابطن واري ويب سائٽ ايڪس تي جاري ڪيل بيان ۾ پيٽ هيگسٿ چيو ته آمريڪا ۽ ڀارت وچ ۾ ڏهن ورهين جي دفاعي فريم ورڪ معاهدي تي صحيون ٿي ويون آهن.
هن چيو ته اهو معاهدو خطي ۾ استحڪام ۽ دفاعي توازن لاءِ سنگِ ميل جي حيثيت رکي ٿو.
آمريڪي بچاءَ واري وزير چيو ته معاهدي سان ٻنهي ملڪن وچ ۾ سهڪار، ڄاڻ جي مٽاستا ۽ ٽيڪنالاجي جي ڀائيواري ۾ اضافو ٿيندو.
پيٽ هيگسٿ چيو ته معاهدو ٻنهي ملڪن جي فوجن وچ ۾ سهڪار وڌيڪ مضبوط ڪرڻ طرفن اهم قدم آهي، جيڪو مستقبل ۾ وڌيڪ گهري ۽ دفاعي لاڳاپن جي راهه هموار ڪندو.
ٻنهي وزيرن ۾ ملاقات آسيان ڊفينس سمٽ دوران ٿي، جيڪا اهڙي وقت ۾ ٿي آهي جڏهن آمريڪا ڀارت طرفان روس کان تيل خريد ڪرڻ تي ناراضگي ظاهر ڪندي ڀارتي شين تي 50 سيڪڙو ٽيڪس لاڳو ڪئي……..
- Advertisement -
