تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

حيدرآباد ۾ جيئي سنڌ محاذ جي ميزباني هيٺ عدالتن کان مٿانهين قتل ۽ ڪارڪنن جي گرفتارين خلاف ڪانفرنس ڪوٺائي وئي

- Advertisement -
حيدرآباد ۾ جيئي سنڌ محاذ جي ميزباني هيٺ عدالتن کان مٿانهين قتل ۽ ڪارڪنن جي گرفتارين خلاف ڪانفرنس ڪوٺائي وئي. جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين رياض چانڊئي جي صدارت ۾ ٿيل قومي ويهڪ ۾ قومپرست پارٽين جي اڳواڻن، سياسي سماجي ۽ انساني حقن جي تنطيمن جي اڳواڻن سان گڏ اديب ۽ دانشور به شريڪ ٿيا. ويهڪ ۾ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، روشن ٻرڙي، جامي چانڊئي، الطاف خاصخيلي، پشپا ڪماري، محمد علي خشڪ، انور بڙدي، احمد نواز انقلابي، سليم جروار ، نواز شاهه ڀاڏائي، پنهل جمالي، پنهل سارئي، ڊاڪٽر خوشحال ڪالاڻي، الاهي بخش چاچڙ، ممتاز آريسر ٻين شرڪت ڪئي. ڪانفرنس کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته حڪمران 26 ھين ترميم لاڳو ڪري سنڌ سان جبر ڪري چڪا آھن، ھڪ دفعو ٻيھر 27 ھين آئيني ترميم لاڳو ڪري سنڌ جا پيداواري وسيلا قومي اختيار اين ايف سي ايوارڊ تي راتاھو ھڻڻ توڙي سنڌ جي وحدت تي وار ڪري نوان صوبا ٺاھڻ چاھين ٿا. اڳواڻن چيو ته سنڌين، بلوچن ۽ پختونن جي تاريخي وطنن سان ھٿ چراند سندن مالي ۽ قدرتي وسيلن سان وڌيڪ ڏاڍ برداشت نـ ڪيو ويندو. هنن چيو ته سنڌ جي پرامن ماڻهن کي گرفتار ڪرڻ بعد ڏوهاري ڄاڻائي ڪيس داخل ڪيا پيا وڃن، اھو سلسلو بند ڪيو وڃي. سندن چوڻ هو ته ھاف يا فل فرائي ذريعي ماڻھو مارڻ يا معذور ڪرڻ جو سلسلو پڻ بند ڪيو وڃي ۽ نوجوان مھمير تنيو جي قتل جي عدالتي جاچ ڪرائي وڃي. اڳواڻن مطالبو ڪيو ته سنڌ ۾ انساني حقن جون ڀڃڪڙيون فوري طور بند ڪيون وڃن…
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
8 watching
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
Pakistan
overcast clouds
21.7 ° C
21.7 °
21.7 °
33 %
4kmh
100 %
ڇنڇر
23 °
آچر
25 °
سُومر
27 °
اڱارو
28 °
اربع
30 °

تازه ترين خبرون