تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

آمريڪي سفير ڊونلڊ بلوم جو بلوچستان جي علائقي گوادر جو دورو

- Advertisement -
- Advertisement -
- Advertisement -

آمريڪي سفير ڊونلڊ بلوم 12 سيپٽمبر تي بلوچستان جي علائقي گوادر جو دورو ڪيو، جنهن جو مقصد آمريڪا ۽ پاڪستان وچ ۾ عوامي سطح تي ڀائيواري کي وڌيڪ سگهارو بڻائڻ آهي.

دوري دوران ٻطرفي واپار، سيڙپڪاري ۽ ترقي کي هٿي ڏيارڻ وارن موقعن جي ڳولا سوڌو ٻطرفن لاڳاپن کي هٿي ڏيارڻ جو موقعو مليو.

ڊونلڊ بلوم پنهنجي دوري دوران سياسي اڳواڻن، گوادر چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري جي نمائندن ۽ مختلف سرڪاري ۽ خانگي شعبن جي اڳواڻن سان تعميري خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.

سياسي اڳواڻن سان ملاقات ۾ سفير اقتصادي ترقي، آفتن جي رليف ۽ تياري، سڪيورٽي ۽ آمريڪا سان واپار ۽ سيڙپڪاري جي حوالي سان بلوچستان جي ترقي لاءِ آمريڪي سهڪار جي عزم  کي ورجايو ۽ انهن قدمن جو ذڪر ڪيو جن ذريعي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري لاءِ ماحول کي بهتر بڻائي سگهجي.

گوادر چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري جي ميمبرن سان پنهنجي ملاقات دؤران سفير ڊونلڊ بلوم چيو ته خطي ۾ ڪاروبار، ٽرانسپورٽ، سياحت، ماهيگيري ۽ بحريه سان لاڳاپيل معاشي شعبن ۾ آمريڪي واپار ۽ سيڙپڪاري کي هٿي ڏئي سگهجي ٿي.

حڪومتي ۽ ڪاروباري اڳواڻن سان ملاقاتن ۾ سفير بلوم پاڪ-آمريڪا گرين الائنس فريم ورڪ تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي، جيڪو ٻنهي ملڪن کي ماحولياتي، توانائي، پاڻي ۽ معاشي ضرورتن کي گڏجي پورو ڪرڻ ۾ مدد ڪري رهيو آهي.

 سفير ڊونلڊ بلوم چيو ته ماحولياتي مسئلن کي منهن ڏيڻ جي صلاحيت وڌائڻ، متبادل توانائي لاءِ ڪوششون ۽ سڀني لاءِ معاشي ترقي کي هٿي وٺرائڻ ۾ اسان پوري پاڪستان خاص ڪري بلوچستان جي حمايت ڪري رهيا آهن.

سفير بلوم گوادر بندرگاهه جو دورو پڻ ڪيو ۽ پورٽ اٿارٽي جي چيئرمين پسند خان بليدي سان ملاقات ڪري بندرگاهه جي آپريشنز ۽ ترقي جي امڪانن، گوادر جي علائقائي واپاري مرڪز بڻجڻ جي امڪانن ۽ ان کي پاڪستان جي سڀ کان وڏي ايڪسپورٽ منڊي آمريڪا سان ڳنڍڻ جي طريقن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.  پاڪستان نيوي جي ويسٽرن ڪمانڊ سان ملاقاتن ۾ سفير ڊونلڊ بلوم علائقائي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ مستقبل ۾ ڀائيواري جاري رکڻ تي زور  ڀريو.

- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
25.8 ° C
25.8 °
25.8 °
22 %
2.5kmh
96 %
جمعو
26 °
ڇنڇر
31 °
آچر
28 °
سُومر
26 °
اڱارو
26 °

تازه ترين خبرون