ايشياڪپ جي سپر فور مرحلي ۾ ڀارت سريلنڪا کي 41 رنسن تان شڪست ڏئي فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو

- Advertisement -
- Advertisement -
- Advertisement -

ايشياڪپ جي سپر فور مرحلي ۾ ڀارت سريلنڪا کي 41 رنسن تان شڪست ڏئي فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو آهي.

ڪولمبو ۾ کيڏيل ميچ ۾ ڀارتي ٽيم جي ڪپتان روهيت شرما ٽاس کٽي اڳ ۾ بيٽنگ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو.

ڀارتي ٽيم اڳ ۾ کيڏندي 49 ڏهائي هڪ اوورن ۾ 213 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي وئي.

ڀارت طرفان روهيت شرما 53، ڪي ايل راهول 39، اشان ڪشن 33 ۽ اڪشر پٽيل 26 رنسون ٺاهي نمايان رهيا.

سريلنڪا طرفان دُينيٿ  5 ۽  اسالانڪا 4 شڪار ڪيا، جڏهن ته مهيش هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي.

ڀارت طرفان مليل 214 رنسن جو آسان حدف به سريلنڪن ٽيم حاصل نه ڪري سگهي ۽ 41 ڏهائي 3 اوورن ۾ 172 رنسن تي ڍير ٿي وئي.

سريلنڪا طرفان ڊُنيٿ 42،  ڊي سلوا 41 ۽ اسالانڪا 22 رنسون ٺاهي نمايان رهيا.

ڀارت طرفان ڪلديپ يادو هڪ ڀيرو وري شاندار بالنگ جو مظاهرو ڪندي 4 وڪيٽون ورتيون، ڀمرا ۽ جديجا 2-2، سراج ۽ پانڊيا هڪ هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي. چار وڪيٽون وٺڻ تي ڪلديپ يادو کي ميچ جو بهترين رانديگر قرار ڏنو ويو..

- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
scattered clouds
14.6 ° C
14.6 °
14.6 °
30%
2m/s
29%
خميس
22 °
جمعو
21 °
ڇنڇر
21 °
آچر
23 °
سُومر
22 °

تازه ترين خبرون