تازه ترين

آمريڪي صدر هڪ ڀيرو ٻيهر حماس کي هٿيار ڦٽا ڪرڻ جو پيغام ڏئي ڇڏيو

- Advertisement -
- Advertisement -

آمريڪي صدر هڪ ڀيرو ٻيهر حماس کي هٿيار ڦٽا ڪرڻ جو پيغام ڏئي ڇڏيو آهي.

وائيٽ هائوس ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته حماس سان آمريڪا جي اعليٰ سطحي عملدارن ڳالهه ٻولهه ڪئي آهي.

حماس ٻڌايو ته هو هٿيار ڦٽا ڪندا، حماس جيڪڏهن معاهدي تي عمل نه ڪيو ته واشنگٽن پاڻ قدم کڻندو.

آمريڪي صدر وڌيڪ چيو ته طاقت جي استعمال سان حماس کي هٿيار ڦٽا ڪرايا ويندا.

هوڏانهن آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ غزا امن معاهدي جو ٻيو مرحلو شروع ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي.

آمريڪي صدر جو چوڻ آهي ته حماس جي قيد مان سمورا 20 يرغمالي سٺي صحت سان واپس اچي چڪا آهن، هڪ وڏو بار لهي ويو آهي پر اسان جو ڪم مڪمل ناهي ٿيو.

ٽرمپ سوشل ميڊيا تي جاري پيغام ۾ چيو ته حماس واعدي موجب اڃاتائين مارجي ويل سمورن مغوين جا لاش اسرائيل حوالي نه ڪيا آهن.

- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
15.6 ° C
15.6 °
15.6 °
26 %
2kmh
0 %
ڇنڇر
24 °
آچر
24 °
سُومر
23 °
اڱارو
23 °
اربع
24 °

تازه ترين خبرون