تازه ترين

اتر وزيرستان، لڪي مروت ۽ مير علي ۾ سڪيورٽي فورسز جي ڪاررواين جي نتيجي ۾ 18 دهشتگرد مارجي ويا

- Advertisement -
- Advertisement -

اتر وزيرستان، لڪي مروت ۽ مير علي ۾ سڪيورٽي فورسز جي ڪاررواين جي نتيجي ۾ 18 دهشتگرد مارجي ويا.

سڪيورٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته اتر وزيرستان جي علائقي دتاخيل ۾ سڪيورٽي فورسز انٽيليجنس معلومات جي بنياد تي ٻڌل آپريشن ڪيو، فورسز اطلاعن کي نظر ۾ رکندي 8 کان 10 ڏينهن علائقي جي ڀرپور نگراني ڪئي.

سڪيورٽي ذريعن موجب، سڪيورٽي فورسز دهشتگردن کي گهيري ۾ آڻي ڇڏيو، فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ ڀارتي حمايت يافته 6 دهشتگرد مارجي ويا ۽ 3 زخمي ٿي پيا.

سڪيورٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته مارجي ويل دهشتگردن ۾ خارجين جو ڪمانڊر  محبوب عرف محمد به شامل آهي.

سڪيورٽي ذريعن موجب، سڪيورٽي فورسز جي اها ڪارروائي علائقي ۾ امن دشمن عنصرن خلاف جاري آپريشن جو حصو آهي.

لڪي مروت جي علائقي سلطان خيل ۾ سڪيورٽي فورسز 16 آڪٽوبر تي ڳجهي اطلاع تي ٻڌل ڪارروائي ڪندي 8 نهايت گهربل دهشتگردن کي ماري ڇڏيو.

سڪيورٽي ذريعن  موجب ڪارروائي افغان طالبان جي پراڪسي تنظيمن جي ڳجهن ٿاڪن خلاف ڪارروائي ڪئي وئي.

آپريشن دوران هوائي ۽ زميني نگراني ڪئي وئي جڏهن ته دهشتگردن جي چرپر جي نشاندهي ٿيڻ تي فورسز فوري ڪارروائي ڪئي.

ڪارروائي دوران وڏي مقدار ۾ هٿيار، گولا بارود ۽ مواصلاتي سامان هٿ ڪيو ويو.

سڪيورٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته اتر وزيرستان جي علائقي مير علي ۾ سڪيورٽي فورسز دهشتگردن جي آپگهاتي حملي کي ناڪام بڻائيندي چئن دهشتگردن کي دوزخ ڀيڙو ڪري ڇڏيو.

سڪيورٽي ذريعن موجب، هڪ خارجي بارود سان ڀريل گاڏي سڪيورٽي فورسز جي ڪيمپ جي ڀت سان ٽڪرائي جيڪا ڌماڪي سان ڦاٽي پئي.

ذريعن موجب، گاڏي ڀت سان ٽڪرائڻ کانپوءِ ٽن وڌيڪ خاجرجين ڪيمپ اندر داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته سڪيورٽي فورسز بروقت ۽ بهادراڻي ڪارروائي جي نتيجي ۾ ٽئي خارجي ڪيمپ ٻاهران ئي مارجي ويا، الحمد الله، سڪيورٽي فورسز جو ڪنهن قسم جو ڪوبه نقصان نه ٿيو.

سڪيورٽي فورسز موجب چئن ڏينهن جي ڪاررواين دوران 102 خارجي مارجي ويا آهن.

- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
3 watching
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
Pakistan
clear sky
23.7 ° C
23.7 °
23.7 °
14 %
2.4kmh
0 %
ڇنڇر
24 °
آچر
24 °
سُومر
23 °
اڱارو
23 °
اربع
24 °

تازه ترين خبرون