اتر وزيرستان ۾ پاڪ فوج جي ڪارروائي دوران 7 دهشتگرد مارجي ويا.
سڪيورٽي ذريعن موجب پاڪ فوج 14 آڪٽوبر تي اتر وزيرستان جي علائقي ابا خيل ۾دهشتگردن جي موجودگيءَ جي اطلاع تي ڪامياب ڪارروائي ڪئي.
ڪارروائي دوران هڪ دهشتگرد ٽولي کي نشانو بڻائيندي ستن دهشتگردن کي دوزخ ڀيڙو ڪيو ويو.
ذريعن موجب پاڪ فوج ماريل دهشتگردن جو حدف علائقي ۾ دهشتگردي جا واقعا ڪرڻ هو.
سڪيورٽي ذريعن موجب پاڪ فوج ۽ سڪيورٽي فورسز ملڪ مان دهشتگردي جي ناسور جي خاتمي لاءِ پرعزم آهي.