تازه ترين

اسرائيلي فوج جا غزه تي وحشياڻا حملا جاري ،شهيد فلسطينين جو انگ 5000 کان وڌي ويو

- Advertisement -
غزه تي اسرائيلي جي وحشياڻن حملن ۾ شهيد فلسطينين جو انگ 5000 کان وڌي ويو، جڏهن ته اتر لبنان تي به اسرائيل راڪيٽن سان حملا ڪيا آهن. ميڊيا رپورٽن موجب اسرائيلي فوج جا غزه تي حملا جاري آهن جنهن جي نتيجي ۾ شهيد فلسطينن جو انگ 5 هزارن کان وڌي ويو. شهيدن ۾ ٻن هزارن کان وڌيڪ ٻار ۽ 11 سئو  کان وڌيڪ عورتون شامل آهن. اتر لبنان تي به اسرائيل راڪيٽن سان حملا ڪيا آهن، اسرائيلي سرحدي پٽي سان ڌماڪن جا آواز ٻڌا ويا آهن، جڏهن ته علائقي تي ڊرون جون اڏامون پڻ جاري آهن. آمريڪي صدر  بائيڊن کانپوءِ برطانوي وزيراعظم به غزه جي اسپتال تي حملي ۾ اسرائيل کي ڪلين چٽ ڏني آهي. روسي پرڏيهي وزير سرهئي لاوروف جو چوڻ آهي ته اسرائيل فلسطين تڪرار کي هڪ طرفو حل ڪرڻ جون ڪوششون صورتحال کي بگاڙي سگهي ٿي، اسرائيل فلسطين ڇڪتاڻ ۾ بنا دير جنگبندي جي ضرورت آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
22.7 ° C
22.7 °
22.7 °
29 %
1.1kmh
0 %
اربع
32 °
خميس
32 °
جمعو
32 °
ڇنڇر
32 °
آچر
34 °

تازه ترين خبرون