تازه ترين

اسرائيلي فوج جي غزا تي اٺين ڏينهن به بمباري جاري آهي جنهن سبب وڌيڪ 410 فلسطيني شهيد ٿي ويا

- Advertisement -
اسرائيلي فوج جي غزا تي اٺين ڏينهن به بمباري جاري آهي جنهن سبب وڌيڪ 410 فلسطيني شهيد ٿي ويا جڏهن ته يهودي فوج هٿان شهيد ٿيل فلسطينين جو انگ 3 هزار ٿي ويو ۽ 9 هزار کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا آهن، اسرائيل جي غزا تي بمباري بعد 4 لک فلسطيني بي گهر ۽ 20 لک پاڻي کان محروم آهن ۽ حماس جي اسرائيل خلاف آپريشن طوفان الاقصيٰ ۾ 13 سئو کان وڌيڪ اسرائيلي مارجي ويا. حماس کي منهن ڏيڻ ۾ ناڪام اسرائيل جي اٺين ڏينهن به هٿين خالي فلسطينين تي بمباري جاري آهي جنهن سبب وڌيڪ 410 فلسطيني شهيد ٿي ويا. شهيدن ۾ ٻارڙا ۽ عورتون به شامل آهن جڏهن ته يهودي فوج هٿان شهيد ٿيل فلسطينين جو انگ 3 هزار ٿي ويو ۽ 9 هزار کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا آهن. غزا جي اتر، وچ ۽ ڏکڻ جي علائقن ۾ قافلن، مارڪيٽن ۽ بندرگاهه تي حملا ڪيا ويا جڏهن ته اسرائيلي بمباري ۾ چئن پرڏيهين سميت 9 يرغمالي به مارجي ويا. غزا مان لڏپلاڻ ڪندڙ ٽن قافلن تي اسرائيلي جهازن جي حملي ۾ 70 فلسطيني شهيد ۽ سوين زخمي ٿي پيا. اولهه ڪناري ۾ غزا جي شهرين سان ٻڌيءَ جي اظهار لاءِ ڪڍيل مظاهري تي اسرائيلي فوج جي فائرنگ سان سورنهن فلسطيني شهيد ٿي ويا، جڏهن ته غزا تي به ٽئنڪن سان چڙهائي ڪئي وئي آهي. اسرائيلي بمباريءَ بعد يرغمال اسرائيلين جا لاش به ملڻ رهيا آهن، جڏهن ته يهودي آبادڪار به فوج جي موجودگيءَ ۾ هٿين خالي فلسطينين تي گوليون هلائي رهيا آهن. عرب ٽي وي اسرائيلي فوج جي ڪوڙ جي پت وائکي ڪري ڇڏي، جاچ رپورٽ سان ثابت ڪيو ويو ته جن چئن فلسطينين کي گوليون هنيون ويون، اهي هٿين خالي هئا. اسرائيل جي غزا تي بمباري بعد 4 لک فلسطيني بي گهر ۽ 20 لک پاڻي کان محروم آهن. لبناني سرحد تي اسرائيلي فوج جي بمباري ۽ فائرنگ سبب هڪ صحافي مارجي ويو ۽ 6 زخمي ٿي پيا. لبنان تي اسرائيلي حملي جي جواب ۾ لبناني مزاحمتي تنظيم حزب الله اسرائيلي فوج جي ٿاڪن تي فائرنگ ڪئي، حماس جي اسرائيل خلاف آپريشن طوفان الاقصيٰ ۾ 13 سئو کان وڌيڪ اسرائيلي مارجي ويا.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
broken clouds
24.2 ° C
24.2 °
24.2 °
27 %
2.4kmh
81 %
سُومر
24 °
اڱارو
33 °
اربع
32 °
خميس
33 °
جمعو
31 °

تازه ترين خبرون