تازه ترين
امريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي انتظاميا پاران ڪانگريس ۾ ووٽنگ کان بچڻ لاءِ ايران سان عارضي جنگبندي کي  ڇڪت... امريڪا قطر، ڪويت، گڏيل عرب امارتن ۽ اسرائيل کي وڌيڪ هٿيار ۽ فوجي سامان وڪرو ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي سفارتڪاري جو رستو کليل رکڻ لاءِ تيار آهن پر امريڪا کي ڌمڪي وارو رويو تبديل ڪرڻو پوندو: عباس عراقچي امريڪا قطر، ڪويت، گڏيل عرب امارتن ۽ اسرائيل کي وڌيڪ هٿيار ۽ فوجي سامان وڪرو ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي

اسلام آباد، سنڌ ۽ پشاور هائيڪورٽن جي وقتي چيف جسٽسز قسم کڻي ورتو

- Advertisement -
اسلام آباد، سنڌ ۽ پشاور هائيڪورٽن جي وقتي چيف جسٽسز قسم کڻي ورتو آهي. جسٽس سرفراز ڊوگر اسلام آباد هائيڪورٽ جي وقتي چيف جسٽس طور قسم کڻي ورتو. اسلام آباد هائيڪورٽ جي وقتي چيف جسٽس جي قسم کڻڻ واري تقريب ايوان صدر ۾ ٿي. صدر آصف علي زرداري، جسٽس سرفراز ڊوگر اسلام آباد هائيڪورٽ جي وقتي چيف جسٽس جو قسم کڻايو. جسٽس محمد جنيد غفار سنڌ هائيڪورٽ جي وقتي چيف جسٽس طور قسم کڻي ورتو. سنڌ هائيڪورٽ جي وقتي چيف جسٽس جي قسم کڻڻ واري تقريب گورنر هائوس ڪراچي ۾ ٿي. سنڌ جي گورنر ڪامران ٽسوري سنڌ هائيڪورٽ جي وقتي چيف جسٽس محمد جنيد غفار کي قسم کڻايو. قسم کڻڻ واري تقريب ۾ جسٽس محمد اقبال، جسٽس ڪي ڪي آغا، جسٽس عدنان ڪريم، جسٽس امجد سهتو، آئيني بينچ جي سربراهه جسٽس آغا فيصل ۽ جسٽس ثنا اڪرم منهاس شرڪت ڪئي. جسٽس جنيد غفار 14 سيپٽمبر 1963ع ۾ پيدا ٿيو، 1990ع ۾ وڪالت جي ڊگري حاصل ڪئي، جڏهن ته 2013ع ۾ سنڌ هائيڪورٽ ۾ ايڊيشنل جج مقرر ٿيو. جسٽس جنيد غفار، چيف جسٽس سنڌ هائيڪورٽ جسٽس شفيع صديقي ۽ جسٽس صلاح الدين پنهور جي سپريم ڪورٽ ۾ ترقي بعد سنڌ هائيڪورٽ ۾ سينيارٽي لسٽ ۾ پهرين نمبر تي اچي ويو آهي. جسٽس ايس ايم عتيق شاهه پشاور هائيڪورٽ جي وقتي چيف جسٽس طور قسم کڻي ورتو. پشاور هائيڪورٽ جي وقتي چيف جسٽس جي قسم کڻڻ واري تقريب گورنر هائوس پشاور ۾ ٿي. خيبرپختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي، جسٽس ايس ايم عتيق شاهه کي قسم کڻايو. قسم کڻڻ واري تقريب ۾ خيبرپختونخوا جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور به شرڪت ڪئي. قسم کڻڻ واري تقريب ۾ پشاور هائيڪورٽ جي ججن، وڪيلن ۽  ٻين شرڪت ڪئي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
25.7 ° C
25.7 °
25.7 °
22 %
2.3kmh
0 %
ڇنڇر
30 °
آچر
28 °
سُومر
27 °
اڱارو
25 °
اربع
30 °

تازه ترين خبرون