اسلام آباد ۾ وقفي وقفي سان برسات سبب مارگلا جي جبلن مان ايندڙ پاڻي سان نالن ۾ چاڙهه اچي ويو، جنهنڪري هيٺاهين وارن علائقن ۾ پاڻي بيهجي ويو.
چوماسي جي برسات سبب نالن ۾ چاڙهه اچي ويو، ڀاره ڪهو، چڪ شهزاد ۽ ٻين علائقن ۾ پاڻي گهرن ۾ داخل ٿي ويو.
چٺا بختاور ۾ برسات کانپوءِ گهٽيون ۽ روڊ تلاءَ جو ڏيک ڏيڻ لڳا، ڪيتريون ئي گاڏيون ٻڏي ويون، رهواسي گهرن تائين محدود ٿي ويا.
چڪ شهزاد ۽ پارڪ روڊ سان گذرندڙ برساتي نالن ۾ چاڙهه سببب خانگي هائوسنگ سوسائٽيز متاثر ٿيڻ جو خدشو آهي.
رات دير سان برسات سبب راول ڊيم ۾ پاڻي جي سطح هڪ هزار 750 ڏهائي 60 فٽ تائين پهچي وئي، جنهن سبب هڪ ڀيرو ٻيهر اسپل وي کوليا ويا.
اسلام آباد، راولپنڊي، لاهور، گجرانوالا ۽ سيالڪوٽ ۾ وڌيڪ برسات جي اڳڪٿي سبب هيٺاهين وارا علائقا پاڻي هيٺ اچڻ جو خدشو آهي.
موسميات کاتي موجب، چوماسي جي برسات سبب خيبرپختونخوا جي جابلو علائقن، گلگت بلتستان، ڪشمير، مري ۽ گلگت ۾ لينڊ سلائيڊنگ سبب ٽريفڪ جي رواني متاثر ٿيڻ جو خدشو آهي……