پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ رڪارڊ قائم ٿيڻ جو سلسلو جاري آهي، هنڊريڊ انڊيڪس هڪ لک 45 هزار کان وڌيڪ پوائنٽس جي نئين بلند ترين حد پار ڪري وئي.
ڪاروباري هفتي جي ٽئين ڏينهن جي شروعات تي اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ زبردست تيزي ڏسڻ ۾ آئي.
هنڊريڊ انڊيڪس ۾ 2 هزار کان وڌيڪ پوائنش جي اضافي سان هڪ لک 45 هزار کان وڌيڪ پوائنٽس جي نئين بلند ترين سطح تي پهچي وئي.
انٽر بينڪ ۾ آمريڪي ڊالر 7 پيسا سستو ٿيڻ کانپوءِ ڊالر 282 رپيا 57 پيسا مان گهٽجي 282 رپيا 50 پيسا تي اچي ويو.
معاشي ماهرن جو چوڻ آهي ته حڪومتي پاليسين سبب سيڙپڪارن جي اعتماد ۾ مسلسل اضافو ٿي رهيو آهي.