تازه ترين

اسٽيٽ بينڪ آف پاڪستان نئين سال جي پهرين مانيٽري پاليسي جو اعلان اڄ ڪندي

- Advertisement -
- Advertisement -

اسٽيٽ بينڪ آف پاڪستان نئين سال جي پهرين مانيٽري پاليسي جو اعلان اڄ ڪندي.

اسٽيٽ بينڪ جي گورنر جميل احمد جي صدارت هيٺ مانيٽري پاليسي ڪميٽي جو اجلاس ٿيندو جنهن کانپوءِ 2025 جي پهرين مانيٽري پاليسي جو اعلان ڪيو ويندو.

ماهرن جو چوڻ آهي ته مهانگائي جي رفتار ۾ گھٽتائي تي وياج جي شرح ۾ وڌيڪ هڪ سيڪڙو گھٽ ٿيڻ جي اميد آهي.

مانيٽري پاليسي تي سروي ۾ ماهرن جي ڏيڍ سيڪڙو گھٽتائي جي راءِ سامهون آئي آهي ۽ جنوري ۾ مهانگائي جي شرح 3 سيڪڙو کان به هيٺ اچڻ جو امڪان آهي.

بينڪ جو ڪائبوريٽ پهريان ئي 11 کان 12 سيڪڙو وچ ۾ اچي چڪو آهي، اسٽيٽ بينڪ لاڳيتو 7 ڀيرا پاليسي ريٽ ۾ 9 سيڪڙو تائين گھٽتائي ڪري چڪي آهي جڏهن ته ان وقت بنيادي وياج جي شرح 13 سيڪڙو آهي ۽ وزيراعظم شهباز شريف وياج جي شرح ۾ وڌيڪ گھٽتائي جو اشارو ڏئي چڪو آهي.

- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
15.6 ° C
15.6 °
15.6 °
26 %
2kmh
0 %
ڇنڇر
24 °
آچر
24 °
سُومر
23 °
اڱارو
23 °
اربع
24 °

تازه ترين خبرون