تازه ترين

اسپيشل ٻارڙا هنن لاءِ خاص آهن، اڄوڪي ڏينهن عزم ڪرڻ گهرجي ته سمورا وسيلا استعمال ڪري انهن جي خدمت ڪندا: شرجيل انعام ميمڻ

- Advertisement -
سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته اسپيشل ٻارڙا هنن لاءِ خاص آهن، اڄوڪي ڏينهن عزم ڪرڻ گهرجي ته سمورا وسيلا استعمال ڪري انهن جي خدمت ڪندا، اڄوڪي ڏينهن تي پيغام آهي ته ملڪ کي مضبوط بڻائڻو آهي. جشن آزادي جي ڏهاڙي تي قائد اعظم هائوس ۾ ٿيل تقريب کي خطاب ڪندي شرجيل انعام ميمڻ چيو ته قوم هي ڏهاڙو جوش ۽ جذبي سان ملهائيندي آهي. سندس چوڻ هو ته پاڪستان ۾ رهندڙ هر قوم جا مذهبي تهوار ڌار آهن، پر آزادي جو ڏهاڙو سڀ گڏ ملهائيندا آهن. هن چيو ته ملڪ ۾ رهندڙ سمورن مذهبن جاماڻهو پاڪستان جي خوبصورتي آهن، اڄ سڄي قوم جشن آزادي ملهائي پئي، اڄوڪي ڏينهن تي پيغام آهي ته ملڪ کي مضبوط کان مضبوط بنائڻو آهي. سينيئر صوبائي وزير چيو ته قائد اعظم محمد علي جناح قربانيون ڏئي ملڪ کي آزاد ڪرايو، ان کانپوءِ شهيد ذوالفقار ڀٽو ملڪ کي آئين ڏنو ۽ ايٽمي طاقت بڻايو. سندس چوڻ هو ته پاڪستان طاقتور ۽ مضبوط ملڪ آهي، هو سڀ متحد آهن، سڀني کي اختلاف ختم ڪري نفرتن کي دفن ڪرڻ گهرجي. تقريب دوران جشن آزدي جو ڪيڪ پڻ ڪاٽيو ويو. تقريب ۾ پ پ سنڌ جي صدر نثار کهڙي، وقار مهدي، ذوالفقار شاهه ۽ مختلف ملڪن جي سفير شرڪت ڪئي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
21 ° C
21 °
21 °
43 %
1.4kmh
0 %
جمعو
30 °
ڇنڇر
32 °
آچر
32 °
سُومر
35 °
اڱارو
36 °

تازه ترين خبرون