تازه ترين

افغانستان ڀارت جي پراڪسي بڻجي ويو آهي، ٽي ٽي پي سان گڏجي پاڪستان تي جنگ مڙهي وئي آهي: خواجه آصف

- Advertisement -
- Advertisement -

بچاءِ واري وزير خواجه آصف چيو آهي ته افغانستان ڀارت جي پراڪسي بڻجي ويو آهي، ٽي ٽي پي سان گڏجي پاڪستان تي جنگ مڙهي وئي آهي، ڪابل جا حڪمران ڀارت جي هنج ۾ ويهي پاڪستان خلاف سازشون ڪري رهيا آهن، پنجن ڏهاڪن تي ٻڌل زبردستي واري ميزبانيءَ جي خاتمي جو وقت اچي ويو آهي، هاڻي احتجاجي خط ۽ امن جو اپيلون نه ٿينديون، پاڪستاني وفد به  ڪابل نه ويندو.

سماجي رابطن واري ويب سائٽ ايڪس تي جاري ڪيل بيان ۾  خواجه آصف چيو ته طالبان 2021ع ۾ اقتدار ۾ اچڻ بعد پاڪستان ۾ امن ۽ افغانستان کان مداخلت روڪڻ لاءِ حڪومت جي ڪوششن جو تفصيلي جائزو ورتو.

هن چيو ته پرڏيهي وزير چار ڀيرا ڪابل جو دورو ڪيو، 2021ع کان هيل تائين 3 هزار 844 شهادتون ٿيون، جنهن ۾ شهري، فوجي، قانون لاڳو ڪندڙ ادارا سڀ شامل آهن.

بچاءَ واري وزير چيو ته ان دوران دهشتگردي  جا 10 هزار 347 واقعا ٿيا، پنجن ورهين ۾ سندن ڪوششن ۽ قربانين باوجود ڪابل طرفان هاڪاري رد عمل نه آيو، هاڻي افغانستان ڀارت جي پراڪسي بڻجي ويو آهي.

خواجه آصف چيو ته اها دهشتگردي واري جنگ ڀارت، افغانسان ۽ ٽي ٽي پي گڏجي پاڪستان تي مڙهي آهي.

هن چيو ته ڪابل جا حڪمران هاڻي ڀارت جي هنج ۾ ويهي پاڪستان خلاف سازشون ڪري رهيا آهن، ڪالهه تائين اهي پاڪستان ۾ پناهه ۾ هئا.

خواجه آصف چيو ته هاڻي پاڪ ڌرتيءَ تي ويٺل سمورن افغانين کي ڏيهه واپس وڃڻو پوندو،  ڪابل ۾ هاڻي انهن جي حڪومت يا خلافت آهي، اسلامي انقلاب کي پنج سال ٿي ويا آهن.

بچاءَ واري وزير  چيو ته پاڪستان سان پاڙيسرين وانگر رهڻو پوندو، ڌرتيءَ سان وسيلا 25  ڪروڙ پاڪستان جي ملڪيت آهن، هاڻي پنجن ڏهاڪن تي ٻڌل زبردستيءَ واري مهمان نوازي جي خاتمي جو وقت آهي.

خواجه آصف چيو ته خود دار قومون ٻين جي ڌرتي ۽ وسيلن تي ناهن پَلَنديون، هاڻي احتجاجي خط ۽ امن جو اپيلون نه ٿينديون، پاڪستاني وفد به  ڪابل نه ويندو.

بچاءَ واري وزير چيو ته دهشتگردي جتان به ٿيندي ان کي ڳري قميت ادا ڪرڻي پوندي………………

- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
2 watching
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
Pakistan
clear sky
23.7 ° C
23.7 °
23.7 °
14 %
2.4kmh
0 %
ڇنڇر
24 °
آچر
24 °
سُومر
23 °
اڱارو
23 °
اربع
24 °

تازه ترين خبرون