- Advertisement -
اليڪشن ڪميشن اين اي 15 مانسهره ۾ ٻيهر پولنگ بابت نواز شريف جي درخواست رد ڪندي کيس اليڪشن ٽربيونل سان رابطو ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي، حڪمنامي ۾ چيو ويو آهي ته رٽرننگ آفيسر ٽن ڏينهن ۾ قطعي نتيجا تيار ڪري، درخواست ڏيندڙ چاهي ته اليڪشن ٽربيونل سان رابطو ڪري سگهي ٿو.
اليڪشن ڪميشن اين اي 15 مانسهره ۾ ٻيهر پولنگ بابت نواز شريف جي درخواست تي محفوظ ٿيل فيصلو ٻڌائي ڇڏيو.
اليڪشن ڪميشن پنهنجي فيصلي ۾ ن ليگ قائد نواز شريف جي اين اي 15 مانسهره ۾ ٻيهر پولنگ بابت درخواست رد ڪندي کيس اليڪشن ٽربيونل سان رابطو ڪرڻ جي هدايت ڪئي.
اليڪشن ڪميشن حڪمنامي ۾ چيو ته رٽرننگ آفيسر ٽن ڏينهن ۾ قطعي نتيجا تيار ڪري، درخواست ڏيندڙ چاهي ته اليڪشن ٽربيونل سان رابطو ڪري سگهي ٿو.
عام چونڊن ۾ اين اي 15 مانسهره تي نواز شريف کي تحريڪ انصاف جي حمايت يافته آزاد اميدوار شڪست ڏني هئي- Advertisement -
