سنڌ جي عوام پ پ ۽ کيس عزت ڏني هو اميدن تي پورو لهڻ جي ڪوشش ڪندو: سيد مراد علي شاهه

- Advertisement -
وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته سنڌ جي عوام پ پ ۽ کيس عزت ڏني هو اميدن تي پورو لهڻ جي ڪوشش ڪندو، جلد اسٽريٽ ڪرائيم ۽ ڪچي جي ڌاڙيلن جو خاتمو ڪيو ويندو. سيد مراد علي شاهه ڳڙهي خدابخش ڀٽو پهچي شهيدن جي مزارن تي حاضري ڀري فاتحه پڙهي. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي سيد مراد علي شاهه چيو ته سندن خلاف اهي تنظيمون احتجاج ڪري رهيو آهن، جن کي پولنگ ايجنٽ به نه ملي رهيا هئا. هن چيو ته هنن اڳ به ڪري ڏيکاريو هاڻي عوام جي خدمت ڪندا، ٻوڏ متاثرن کانسواءِ سمورن بي گهر ماڻهن لاءِ گهرن جو بندوبست ڪيو ويندو. هوڏانهن وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ امن امان بابت اجلاس ٿيو، جنهن ۾ لاڳاپيل عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس دوران ڳالهائيندي وڏي وزير چيوته ڪراچي ۾ اسٽريٽ ڪرائيم ۽ ڪچي ۾ اغوا واري معاملي تي هدايتون ڏنيون آهن. هن چيو ته جان محمد مهر کي سندس وڏ وزارت آخري ڏينهن شهيد ڪيو ويو، قاتلن لاءِ معاوضي جو اعلان به ڪيو آهي. وڏي وزير چيو ته سنڌ ۾ ترقياتي ڪم ڪرايا آهن، بلاول ڀٽو زرداري کيس ۽ شهبازشريف کي چيو ته ٻوڏ متاثرن جي بحاليءَ لاءِ ڪم ڪيو وڃي. سيد مراد علي شاهه چيو ته هو وفاقي ڪابينا ۾ شامل نه ٿيندا پر سندن حمايت ڪئي ويندي، وفاقي سرڪار کي عوام کي رليف ڏيڻو پوندو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
26.2 ° C
26.2 °
26.2 °
27%
4.7m/s
100%
خميس
26 °
جمعو
34 °
ڇنڇر
34 °
آچر
33 °
سُومر
33 °

تازه ترين خبرون