- Advertisement -
اليڪشن ڪميشن خيبرپختونخوا ۽ بلوچستان ۾ امن امان جي خراب ٿيندڙ صورتحال تي اهم اجلاس گهرائي ورتو آهي، چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا جو چوڻ آهي ته چونڊون وقت تي ڪرائڻ لاءِ تياريون مڪمل آهن، پر امن ۽ شفاف چونڊون ڪرائڻ سندن ذميواري آهي.
چيف اليڪشن ڪمشنر جي صدارت هيٺ امن امان بابت اهم اجلاس شام 3 وڳي ٿيندو.
اجلاس ۾ وفاقي گهرو وزير، سيڪريٽري، ڪي پي ۽ بلوچستان جا چيف سيڪريٽريز ۽ آءِ جيز شريڪ ٿيندا.
ذريعن موجب اجلاس ۾ ڳجهن ادارن جا نمائندا به اجلاس ۾ شريڪ ٿيندا، جڏهن ته اجلاس ۾ ڪي پي ۽ بلوچستان ۾ امن امان جي خراب ٿيندڙ صورتحال تي غور ويچار ڪيو ويندو.
هوڏانهن بيلٽ پيپرز جي ڇپائي بابت اجلاس ٿيو.
جاري ڪيل بيان ۾ چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا چيو ته وقت جي کوٽ سب بيلٽ پيپرز جي وڌيڪ پرنٽنگ جي گنجائش نه آهي.
هن چيو ته سمورين سياسي پارٽين کي ليول پليئنگ فيلڊ فراهم ڪئي آهي.
سندس چوڻ هو ته چونڊون وقت تي ڪرائڻ لاءِ تياريون مڪمل آهن، اليڪشن ڪميشن جي ذميواري پر امن ۽ شفاف چونڊون ڪرائڻ آهي…….- Advertisement -
