تازه ترين

اليڪشن ڪميشن خيبرپختونخوا ۽ بلوچستان ۾ امن امان جي خراب ٿيندڙ صورتحال تي اهم اجلاس گهرائي ورتو آهي

- Advertisement -
اليڪشن ڪميشن خيبرپختونخوا ۽ بلوچستان ۾ امن امان جي خراب ٿيندڙ صورتحال تي اهم اجلاس گهرائي ورتو آهي، چيف اليڪشن ڪمشنر  سڪندر سلطان راجا جو چوڻ آهي ته چونڊون وقت تي ڪرائڻ لاءِ تياريون مڪمل آهن، پر امن ۽ شفاف چونڊون ڪرائڻ سندن ذميواري آهي. چيف اليڪشن ڪمشنر جي صدارت هيٺ امن امان بابت اهم  اجلاس شام 3 وڳي ٿيندو. اجلاس ۾ وفاقي گهرو وزير، سيڪريٽري، ڪي پي ۽ بلوچستان جا چيف سيڪريٽريز ۽ آءِ جيز شريڪ ٿيندا. ذريعن موجب اجلاس ۾ ڳجهن ادارن جا نمائندا به اجلاس ۾ شريڪ ٿيندا، جڏهن ته اجلاس ۾ ڪي پي ۽ بلوچستان ۾ امن امان جي خراب ٿيندڙ صورتحال تي غور ويچار ڪيو ويندو. هوڏانهن بيلٽ پيپرز جي ڇپائي بابت اجلاس ٿيو. جاري ڪيل بيان ۾ چيف اليڪشن ڪمشنر  سڪندر سلطان راجا چيو  ته وقت جي کوٽ سب بيلٽ پيپرز جي وڌيڪ پرنٽنگ جي گنجائش نه آهي. هن چيو ته سمورين سياسي پارٽين کي ليول پليئنگ فيلڊ فراهم ڪئي آهي. سندس چوڻ هو ته چونڊون وقت تي ڪرائڻ لاءِ تياريون مڪمل آهن، اليڪشن ڪميشن جي ذميواري پر امن ۽ شفاف چونڊون ڪرائڻ آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
14 watching
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
Pakistan
few clouds
30.3 ° C
30.3 °
30.3 °
35 %
2.5kmh
11 %
سُومر
30 °
اڱارو
34 °
اربع
35 °
خميس
34 °
جمعو
30 °

تازه ترين خبرون