تازه ترين

امريڪا، قطر ۽ مصر طرفان غزه جنگ بندي ۽ يرغمالين جي آزادي لاءِ ڳالهين جو هڪ ٻيو دور ايندڙ هفتي ٿيندي، ڳالهيون هاڻي قاهره ۾ ٿينديون

- Advertisement -
امريڪا، قطر ۽ مصر طرفان غزه جنگ بندي ۽ يرغمالين جي آزادي لاءِ ڳالهين جو هڪ ٻيو دور ايندڙ هفتي ٿيندي، ڳالهيون هاڻي قاهره ۾ ٿينديون. قطر ڳالهين جي گڏيل پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته واشنگٽن جنگ بندي بابت نيون تجويزون پيش ڪيون آهن جن تي صلاح مشورا جاري رهندا. گڏيل بيان موجب، امريڪا طرفان گذريل هفتي اتفاق ڪيل نڪتن تي تيزي سان عملدرآمد جي رستي ۾ پيش ايندڙ رنڊڪون ختم ڪرڻ لاءِ تجويزون پيش ڪيو، هاڻي زندگيون بچائڻ، غزه جي ماڻهن جي زندگين ۾ ڪجهه سولائي ۽ خطي ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ جي روڪٿام جهڙ نتيجا حاصل ڪرڻ لاءِ رستو صاف آهي. ٻئي پاسي امريڪي صدر جوبائيڊن جو چوڻ آهي ته ڪنهن به ڌر کي غزه جنگ بندي ڊيل تائين پهچڻ جي ڪوششن کي ڪمزور نه ڪرڻ گھرجي. امريڪي صدر جو چوڻ هو ته قطر جي امير شيخ تميم بن حمد الثاني ۽ مصر صدر سان ڳالهه ٿي آهي ۽ ٻنهي اڳواڻن امريڪي تجويز جي حمايت ڪرڻ جو ارادو ظاهر ڪيو آهي. هوڏانهن امريڪا قطر ۽ مصر جي ٽياڪڙي ۾ ٿيندڙ ڳالهين ۾ اسرائيل به شرڪت ڪئي جڏهن ته حماس طرفان ڳالهين ۾ حصو ورتو ويو. حماس جو موقف آهي ته جيڪي پهريان ڳالهيون ٿيون ۽ جن نڪتن تي اتفاق ٿيو هو اسرائيل ان جي پاسداري ڪري……
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
Pakistan
clear sky
30.1 ° C
30.1 °
30.1 °
21 %
4.4kmh
5 %
جمعو
29 °
ڇنڇر
33 °
آچر
32 °
سُومر
35 °
اڱارو
36 °

تازه ترين خبرون