- Advertisement -
امريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ يوڪرين کي چونڊون ڪرائڻ جي صلاح ڏني آهي.
امريڪي ٽي وي کي انٽرويو ڏيندي امريڪي صدر چيو ته يوڪريني عوام کي چونڊ جو حق حاصل هجڻ گھرجي.
هن دعوى ڪئي ته يوڪرين جنگ کي اليڪشن نه ڪرائڻ لاءِ استعمال ڪري رهيو آهي، تڪرار ۾ روس کي يوڪرين تي برتري حاصل آهي، يوڪرين پنهنجو گھڻو حصو وڃائي چڪو آهي.
صدر ٽرمپ جو وڌيڪ چوڻ هو ته روسي صدر پيوٽن ۽ يوڪريني صدر زيلنسڪي هڪٻئي سان سخت نفرت ڪندا آهن.
هن اها به دعوى ڪئي ته جنگ بندي لاءِ يورپي ملڪ سٺو ڪردار ادا نه ڪري رهيا آهن ان لاءِ روس يوڪرين ۾ امن معاهدو ڪرائڻ و ڏکيو آهي…………..
- Advertisement -
