تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

انسان جي تقويٰ جو رستو اختيار ڪرڻ گهرجي، اهو ئي  ڀلائي ۽ ڪاميابيءَ جو رستو آهي: خطيب شيخ ڊاڪٽر ماهر بن حمد المعيقلي

- Advertisement -
مسجد الحرام جي امام ۽ خطيب شيخ ڊاڪٽر ماهر بن حمد المعيقلي چيو آهي ته انسان جي تقويٰ جو رستو اختيار ڪرڻ گهرجي، اهو ئي  ڀلائي ۽ ڪاميابيءَ جو رستو آهي. سڄي دنيا مان آيل لکين حج پانڌيئڙا عرفات جي ميدان ۾ موجود آهن، مسجد الحرام جي امام ۽ خطيب شيخ ڊاڪٽر ماهر بن حمد حج جو خطبو ادا ڪيو، جنهن جو اردو سميت 50 ٻوليون ۾ ترجمو نشر ڪيو ويو. شيخ ڊاڪٽر ماهر بن حمد چيو ته اسلام جي رڪنن جي پيروي ۾ هدايت موجود آهي، الله پنهنجي ذاتي ۾ اڪيلو آهي، الله جي وحدانيت ۽ ان جي رسول صلي الله عليه وآله وسلم جي رسالت تي يقين رکڻ اسلام جو پهريون رڪن آهي. هن چيو ته الله پاڪ کي مخلص ٿي ٻاڪارڻ گهرجي، عبادت ۾ ڪنهن ٻئي کي شريڪ نه ٿو ڪري سگهجي. شيخ ڊاڪٽر ماهر بن حمد چيو ته دنيا جي زندگي ڪٿي اوهان کي دوکي ۾ مبتلا نه ڪري پڏي، جيڪو تقويٰ جو رستو اختيار ڪندو، الله ان جون خطائون معاف ڪندو ۽ اتان رزق عطا ٿيندو جتان ڪو سوچي به نه ٿو سگهي. حج جي خطبي ۾ شيخ ڊاڪٽر ماهر بن حمد چيو ته الله هر شيءِ جو مالڪ ۽ قادر آهي، قرآن سڌو رستو ڏيکاري ٿو، الله  تي توڪل ڪندڙن کي دنيا ۽ آخرت ۾ ڪاميابي حاصل ٿيندي آهي. هن چيو ته اي مسلمانو زڪوات ادا ڪريو ۽ حقوق العباد جو خيال رکو، اسلام جو بنياد خير ۽ ڀلائي تي آهي، اسلام ڪنهن کي نقصان پهچائڻ جو حڪم نه ٿو ڏي، انسان کي ڀلائي جي رستي تي هلڻ گهرجي. شيخ ڊاڪٽر ماهر بن حمد چيو ته مصيبتن ۽ وڳوڙڻ کان پري رهو، ڪنهن کي خراب نالي ۽ لقبن سان نه سڏيو، قرآن چوي ٿو جيڪو ظلم ڪري ٿو، اهو پڪڙ ۾ ايندو، جيڪي مومنن کي تڪليف ڏيندا آهن، اهي فلاح حاصل نٿا ڪري  سگهن، ڪنهن جي جان، مال ۽ عزت کي نقصان نه پهچايو وڃي نه ڪنهن کي ناحق قتل ڪرڻ گهرجي. امامِ ڪعبه چيو ته جنهن انسان جو اخلاق سٺو آهي اهو دنيا ۽ آخرت  ۾ ڪامياب ٿيندو، ابيَ امڙ جي خدمت ڪندڙ به ڪاميابي ماڻيندو، والدين جو نافرمان نه دنيا نه ئي آخرت ۾ ڪامياب ٿيندو، جيڪو مٽن مائٽن سان تعلق ٽوڙي ٿو اهو الله جي رحمت کان پري رهندو آهي. شيخ ڊاڪٽر ماهر بن حمد چيو ته انسان کي سدائين عدل سان فيصلا ڪرڻ گهرجن، ظلم ۽ ناانصافي جي رستي کي ڪڏهن به اختيار نه ڪرڻ گهرجي، فحش ڪمن کان پاسو ڪيو وڃي، گهرڀاتين سان بهترين ورتاءُ ڪيو وڃي. هن چيو ته فلسطين جي مسلمانن لاءِ هو دعا گهري ٿو، انهن تي وڏا ظلم ڪيا پيا وڃن، مسلمان امت فلسطين جي مسلمانن کي يهود جي ظلمن کان ڇوٽڪارو ڏياريَ………..
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
19.2 ° C
19.2 °
19.2 °
24 %
1.7kmh
0 %
خميس
29 °
جمعو
31 °
ڇنڇر
31 °
آچر
29 °
سُومر
26 °

تازه ترين خبرون