تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

اويس قادر شاهه پاران پنهنجي ذاتي فنڊ مان پاڪستان سويٽ هوم سکر جي ٻارن لاءِ 10 لک رپيا گرانٽ جو اعلان

- Advertisement -
سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر اويس قادر شاهه پاران پنهنجي ذاتي فنڊ مان پاڪستان سويٽ هوم سکر جي ٻارن لاءِ 10 لک رپيا گرانٽ جو اعلان  ڪيو ويو. دوري دوران اويس قادر شاهه سويٽ هوم جي ٻارن سان وقت گذاريو ۽ سندن تعليم ۽ ٻين سهولتن بابت معلومات ورتي. اسپيڪر سنڌ اسيمبلي سويٽ هوم جي لائبريري، رهائش ۽ ٻارن کي فراهم ڪيل ٻين سهولتن جو پڻ جائزو ورتو. سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر اويس قادر شاهه جو چوڻ هو ته پاڪستان سويٽ هوم ۾ 101 ٻار  رهن ٿا. هن چيو ته هو سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر جي حيثيت سان پنهنجي ذاتي فنڊ مان پاڪستان سويٽ هوم لاءِ 10 لک رپيا ڏيڻ جو اعلان ڪري ٿو. سندس چوڻ هو ته  هو سويٽ هوم جي ٻارن جا وارث آهن، سيد خورشيد احمد شاهه ۽ هنن سويٽ ھوم ان لاءِ قائم ڪيو ھو جو يتيم ٻارن جو سھارو بڻجي سندن خدمت ڪن. سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر  جو چوڻ هو ته ٻارن جي پرورش ۽ تعليم لاءِ ڪم ڪندڙ اهڙن ادارن جا هٿ مضبوط ڪرڻ گھرجن، ته جيئن  هي ٻار به سماج جي ٻين ٻارن وانگر پنهنجي زندگيءَ ۾ اڳتي وڌي سگهن. اويس قادر شاهه چيو ته پاڪستان سويٽ هوم جا ٻار وڏن تعليمي ادارن ۾ پڙهي رهيا آهن، هو سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر جي حيثيت سان سندن لاءِ جيڪو ڪجهه ٿي سگهيو هو ڪندو. سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر اويس قادر شاھه پاڪستان سويٽ هوم انتظاميا کي يتيم ٻارن کي سنڌ اسيمبلي جو دورو ڪرائڻ جي دعوت ڏني.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
16.7 ° C
16.7 °
16.7 °
22 %
0.9kmh
100 %
سُومر
16 °
اڱارو
22 °
اربع
22 °
خميس
22 °
جمعو
21 °

تازه ترين خبرون