تازه ترين

پنجاب جي علائقي ماڇڪو ۾ 12 پوليس اهلڪارن کي شهادت ڪرڻ جو ڪيس داخل

- Advertisement -
پنجاب جي ماڇڪو جي ڪچي واري علائقي فتح پور ۾ ڌاڙيلن جي حملي ۾ شهيد ٿيل 12 پوليس اهلڪارن جو ڪيس 131 ڏوهارين خلاف داخل ڪيو ويو آهي. انسپيڪٽر امجد رشيد جي فرياد تي سنو شر، علي گل شر، تنوير انڍڙ ۽ زبرو ڪوش جي ٽولن جي 131 ڏوهارين خلاف ماڇڪو ٿاڻي تي داخل ڪيو ويو. ڪيس ۾ دهشتگردي، قتل ۽ اغوا سميت ٻيا قلم شامل ڪيا ويا آهن. ڪيس جي متن موجب، پوليس جوان ڪيمپ مان واپسي بعد شاهو ڪوش جي گهر وٽ پهتا ته جوابدارن راڪيٽ لانچر، جي ٿري ۽ ٻين جديد هٿيارن سان حملو ڪري ڏنو. متن ۾ چيو ويو آهي ته ڌاڙيلن پوليس جوانن تي سڌي فائرنگ ڪئي، جڏهن ته پوليس اهلڪارن به جوابي فائرنگ ڪئي، ڌاڙيلن جي فائرنگ ۾ 12 جوان شهيد ۽ 9 زخمي ٿي پيا. ڪيس جي متن موجب، ڌاڙيل زخمي پوليس اهلڪار احمد نواز کي اغوا ڪري ويا، پوليس جي فائرنگ ۾ بشير شر مارجي ويو ۽ غدالي ڪوش زخمي ٿي پيو، ڌاڙيل پوليس جا سرڪاري هٿيار به کڻي ويا.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
20.2 ° C
20.2 °
20.2 °
35 %
1.6kmh
0 %
آچر
31 °
سُومر
33 °
اڱارو
33 °
اربع
31 °
خميس
30 °

تازه ترين خبرون