ايس آءِ ايف سي اهم پليٽ فارم آهي جنهن کي جاري رکيو ويندو: وزيراعظم شهباز شريف

- Advertisement -
وزيراعظم شهباز شريف جو چوڻ آهي ته ايس آءِ ايف سي اهم پليٽ فارم آهي جنهن کي جاري رکيو ويندو، ملڪ کي پيش ايندڙ معاشي چئلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ سڀني جو گڏجي ويهڻ سٺو سنوڻ ۽ وقت جي ضرورت آهي. وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ ايس آءِ ايف سي جي ايپڪس ڪميٽي جو تعارفي اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ سول ۽ فوجي قيادت شرڪت ڪئي، آرمي چيف جنرل عاصم منير ايپڪس ڪميٽي جي اجلاس ۾ خصوصي طور شرڪت ڪئي، جڏهن ته اڳوڻي نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ۽ نگران ڪابينا به اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. اپيڪس ڪميٽي جي اجلاس ۾ چئني صوبن جي وڏن وزيرن مريم نواز، سرفراز بگٽي، مراد علي شاهه ۽ علي امين گنڊاپور سميت وفاقي وزيرن به شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ ايس آءِ ايف سي سان لاڳاپيل ميمبرن کي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي ۽ ملڪ ۾ سيڙپڪاري بابت معاملن جو به جائزو ورتو ويو. اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم جو چوڻ آهي ته ايس آءِ ايف سي اهم پليٽ فارم آهي جنهن کي جاري رکيو ويندو. هن چيو ته  معاشي ترقي ۽ پرڏيهي سيڙپڪاري لاءِ هي اهم پليٽ فارم آهي، ملڪ کي پيش ايندڙ معاشي چئلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ سڀني جو گڏجي ويهڻ سٺو سنوڻ ۽ وقت جي ضرورت آهي. وزيراعظم جو وڌيڪ چوڻ هو ته ، فوجي قيادت هن پليٽ فارم جي ڪاميابي ۽ پرڏيهي سيڙپڪاري کي هٿي وٺرائڻ ۾ غيرمعمولي ڪم ڪيو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
23.3 ° C
23.3 °
23.3 °
33%
0.9m/s
0%
اربع
27 °
خميس
29 °
جمعو
28 °
ڇنڇر
26 °
آچر
25 °

تازه ترين خبرون