- Advertisement -
سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بينچ سکر، روهڙي تعلقي ۾ زرعي پاڻي جي کوٽ خلاف ڪيس ۾ ايم ڊي سيڊا طرفان رپورٽ جمع نه ڪرائڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو.
يوسي ڍنڍي ۽ سنگرار جي آبادگارن طرفان بمبلي مائنر ۾ پاڻيءَ جي کوٽ خلاف داخل ڪرايل درخواست تي جسٽس ذوالفقار علي سانگي ۽ جسٽس رياضت علي ساهڙ تي ٻڌل آئيني بئنچ آڏو ٻڌڻي ڪئي.
درخواست ڏيندڙ غلام سرور مهر جي وڪيل علي گل عباسي دليل ڏيندي چيو ته زرعي پاڻي جي کوٽ سبب سنگرار ۽ ڍنڍي يونين ڪائونسل ۾ فصلن جي پوکائي متاثر ٿي رهي آهي.
هن چيو ته ايم ڊي سيڊا عدالت جي حڪم باوجود رپورٽ پيش ناهي ڪئي.
ٻڌڻي دوران عدالت ايم ڊي سيڊا جي پيش نه ٿيڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو.
عدالت کي ٻڌايو ويو ته ايم ڊي سيڊا ملڪ کان ٻاهر آهي، تنهن ڪري عدالت ۾ پيش نه ٿي سگهيو آهي.
جسٽس ذوالفقار علي سانگي رمارڪس ڏيندي چيو ته عدالت جنهن کي طلب ڪري ٿي، اهو ملڪ کان ٻاهر هليو وڃي ٿو، عدالت کي پنهنجي حڪمن تي عمل ڪرائڻ اچي ٿو.
عدالت سرڪاري وڪيل کان پڇاڻو ڪيو ته ايم ڊي سيڊا سرڪاري ڪم سان ٻاهر ويو آهي يا ذاتي دوري تي ويو آهي.
ان تي عدالت کي ٻڌايو ويو ته سيڊا ايم ڊي ذاتي ڪم سان ٻاهر ويو آهي.
عدالت رمارڪس ڏنا ته هي چوٿون آفيسر آهي، جنهن کي عدالت طلب ڪري ٿي ته اهو ذاتي ڪم سان ملڪ کان ٻاهر هليو ٿو وڃي، 21 آڪٽوبر تي ٻڌڻي دوران ايم ڊي سيڊا کي بمبلي مائينر جي انسپيڪشن رپورٽ جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو هو، انسپيڪشن رپورٽ ڪٿي آهي، عدالتي حڪم باوجود ايم ڊي سيڊا رپورٽ جمع ڇو ناهي ڪرائي.
عدالت چيو ته ايم ڊي سيڊا کي ايندڙ ٻڌڻي تي عدالت جي روبرو ذاتي حيثيت ۾ پيش ٿيڻ جو نوٽيس ڪڍيو وڃي، جنهن بعد عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 10 نومبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي….
- Advertisement -
