- Advertisement -
امريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ اعلان ڪيو آهي ته هو ايندڙ سال اپريل ۾ چين جو دورو ڪندو.
سوشل ميڊيا تي جاري بيان ۾ صدر ٽرمپ جو چوڻ هو ته چيني صدر شي جن پنگ سان تازي ڳالهه ٻولهه هاڪاري ۽ تعميري رهي ۾ جنهن ۾ ٻه طرفي لاڳاپن ۽ عالمي اهميت جي موضوعن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.
صدر ٽرمپ موجب، هن چيني صدر سان يوڪرين جي حالتن، فينيٽائل، سويابين ۽ فارم پروڊڪٽس سميت ٻين اهم اقتصادي ۽ واپاري معاملن تي ڳالهه ٻولهه ٿي.
سندس چوڻ هو ته چيني صدر امريڪا جي دوري جي دعوت قبول ڪئي آهي ۽ ايندڙ امريڪا جو دور ڪندو جنهن سان ٻنهي ملڪن جا لاڳاپا وڌيڪ مستحڪم ٿيندا.
امريڪي صدر موجب، ان دوري جو مقصد ٻه طرفي لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ، عالمي سطح تي اقتصادي واپاري ڀائيواري کي مضبوط ڪرڻ آهي.
ٽرمپ يقين ڏياريو ته ان دوري دوران اهم معاهدي ۽ سهڪار جا منصوبا طئي ٿيندا جيڪي ٻنهي ملڪن۽ خطي جي مفاد ۾ هوندا………..
- Advertisement -
