- Advertisement -
باڊهه ويجهو ڀنڊ برادري جي ٻن ڌرين ۾ سڱاوتي تڪرار تان هٿياربندن گهر تي حملو ڪري نوجوان ناري کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو، 5 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن.
سيهڙ وليج ۾ هٿياربندن سڱاوتي تڪرار تان گهر تي حملو ڪري فائرنگ ڪري ڏني، گوليون لڳڻ سبب ناري ثنا ڀنڊ قتل ۽ پنج ڄڻا زخمي ٿي پيا.
اطلاع تي پوليس پهچي عورت جو لاش تحويل ۾ ورتو، عورت جو مڙهه ۽ زخمين کي تعلقي اسپتال ڏوڪري منتقل ڪيو ويو.
اسپتال مان ضروري ڪارروائي بعد عورت جو مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو، لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو.
پوليس جو چوڻ آهي ته ڀنڊ برادري جي ٻن ڌرين ۾ سڱاوتي تڪرار تان واقعو پيش آيو آهي، جن کي اهي اسپتال کڻائي آيا آهن، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.
ايس ايس پي لاڙڪاڻو احمد فيصل چوڌري واقعي جو نوٽيس وٺندي ڊي ايس پي ڏوڪري ۽ سيهڙ ٿاڻي جي ايس ايڇ او کان رپورٽ طلب ڪري ورتي.- Advertisement -
