- Advertisement -
وزيراعظم شهباز شريف بجلي پيدا ڪندڙ ڪمپنين جي ڪارڪردگي تي بي اعتمادي ظاهر ڪندي چيو آهي ته بجلي پيدا ڪندڙ ڪمپنين جي اطمينان جوڳي ناهي، بجلي جو نظام ڪيترن ئي چئلينجن کي منهن ڏئي رهيو آهي، بجليءَ جو نظام درست ڪيو ويو ته معيشيت تيزي سان اڳتي وڌندي.
بجلي جي ورڇ ڪندڙ ڪمپنين جي چيئرمينن ۽ بورڊ ميمبرن سان ملاقات دوران ڳالهائيندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته هر سال 500 ارب رپين جي بجلي چوري ڪئي ويندي آهي، ڊسڪوز جي ڪارڪردگي بهتر ڪرڻي پوندي.
هن چيو ته بجلي پيدا ڪندڙ ڪمپنين جي ڪارڪردگي هڪ عرصي کان درست ناهي.
سندس چوڻ هو ته بجلي جو نظام بهتر ڪرڻ جي ضرورت آهي، جيڪڏهن هو سڌارا ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا ته معيشيت تيزي سان اڳتي وڌندي.
وزيراعظم شهباز شريف چيو ته بدانتظامي، ڪرپشن ۽ ٻين سببن جي ڪري بجلي پيدا ڪندڙ ڪمپنين جيڪارڪردگي سٺي ناهي.
هن چيو ته ملڪ ۾ بجلي جو نظام هڪ وڏي چئلينج کي منهن ڏئي رهيو آهي، بجلي چوري ملي ڀڳت سان ڪئي ويندي آهي، ڊسڪوز ۾ سٺا سٺا آفيسر آهن، ڊسڪوز کي تباهه ڪرڻ ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏيندڙن جي به ڪا کوٽ ناهي.
سندس چوڻ هو ته بجلي جي بلن ۾ هيرا ڦيري ڪئي ويندي آهي، نظام کي بهتر ڪيو ويندو، بجلي جي بلن ۾ هيرا ڦيري روڪڻ لاءِ نظام ۾ بنيادي تبديلين تي ڪم ڪري رهيا آهن.
وزيراعظم شهباز شريف چيو ته گردشي قرض 2300 ارب رپين تائين پهچي ويو آهي، ڇا ايتري وڏي گردشي قرض سان ملڪ هلي سگهي ٿو، نظام ۾ بهتري لاءِ ڏينهن رات محنت ڪرڻي پوندي، گردشي قرضن جو هڪ سبب ڪمزور ٽرانسميشن سسٽم ۽ لائن لاسز آهن.
هن چيو ته بند پلانٽ اسڪريپ ٿي چڪا آهن پر ملازمن کي پگهارون ڏنيون پيون وڃن، جيڪڏهن نيت ڦرلٽ جي هجي ته پوءِ تباهي ئي ٿيندي آهي، کين فيصلو ڪرڻو آهي ته تباهي کان بچڻو ۽ خوشحالي طرف وڃڻو آهي.
سندس چوڻ هو ته بجلي جي اگهن ۾ گهٽتائي ڪرڻي آهي، رڳو گهريلو واهپيدارن نه زراعت ۽ واپار لاءِ به بجلي سستي ڪرڻي آهي، بجلي جي اگهن ۾ گهٽتائي ۽ نظام بهتر ڪرڻ سان معيشيت بهتر پيرن تي بيهي سگهي ٿي.
وزيراعظم شهباز شريف چيو ته ڊسڪوز کي پنهنجي ڪارڪردگي بهتر ڪرڻي پوندي جنهن تي ڪابه سوديبازي نه ڪئي ويندي.
وفاقي ڪابينا جي اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم محمد شهباز شريف جو چوڻ هو ته حڪومت ۽ قوم 14 آگسٽ جو ڏينهن روايتي جوش ۽ جذبي سان ملهائيندي.
هن چيو ته ماضي ۾ ضايع ٿيل وقت مان سبق حاصل ڪري محنت ڪنداسين، ارشد نديم قوم جو هيرو آهي، هن 40 سالن بعد پاڪستان کي گولڊ ميڊل کٽي ڏنو، پوري قوم الله جو شڪر ادا ڪري خوشيون ملهائي رهي آهي.
وزيراعظم جو چوڻ هو ته ماضي ۾ به ارشد نديم مقابلن ۾ حصو ورتو، الله سائين سندس محنت سبب کيس اهڙو مقام عطا ڪيو.
محمد شهباز شريف جو چوڻ هو ته ارشد نديم ۽ سندس ڪوچ ڏينهن رات محنت ڪئي، جنهن تي ارشد نديم کي خراج تحسين پيش ڪندي صدر ڏانهن کيس ميڊل ڏيڻ لاءِ خط موڪليو ويو آهي، ارشد نديم کي وزيراعظم هائوس اچڻ جي به دعوت ڏني وئي، هو قومي هيرو آهي، سندس عزت ڪرڻ پوري قوم جو فرض آهي.
وزيراعظم شهباز شريف جو چوڻ هو ته هي قوم جي هڪ ٿيڻ جو وقت آهي.
هن چيو ته پاور سيڪٽر سميت توانائي وارو وزير ۽ لاڳاپيل عملو گذريل ڪيترن مهينن کان محنت ڪري رهيو آهي، ايف بي آر بابت هنن ڪنسلٽنٽ گهرايا آهن، وقت جو ڀرپور استعمال ڪندي ڪاميابي ماڻينداسين، ماضي جي 76 سالن جي بيماري کان جلد جان ڇڏائيندا.
سندس چوڻ هو ته صحيح فيصلن سان قوم ۾ اميد پيدا ٿيندي، ايف بي آر ۾ گريڊ 22 جي آفيسرن کي تبديل ڪيو ويو، هو هڪ اڌ ماڻهو کانسواءِ ڪنهن کي به نه ٿو سڃاڻي.
وزيراعظم وڌيڪ چيو ته 4 راتيون هو پاڻ ويٺو ۽ هن سنڌ هاءِ ڪورٽ مان اسٽي آرڊر ورتو آهي، جيڪو خارج ٿي ويو، جيڪڏهن ڌيان نه ڏنو وڃي ها ته اهي آفيسر ٻين پوسٽن تي اچي وڃن ها، هر شخص عقلِ ڪُل ناهي هوندو.
وزيراعظم شهباز شريف جو چوڻ هو ته ڪريز کان ٻاهر نڪري ڇڪو هڻنداسين ته ڪپتان سان گڏ اوهان کي به ڪريڊٽ ملندو، گڏجي ڪم ڪنداسين ته مشڪلاتن کي ٻاهر نڪرنداسين، ملڪ کي مستحڪم ڪرڻ لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو.
ڪابينا اجلاس جي آخر ۾ وزيراعظم شهباز شريف شهداءَ جي لاءِ دعا گهرندي چيو ته سندن عزم آهي ته عزم پاڪستان لاءِ سندن هر شيءِ قربان آهي.- Advertisement -
