- Advertisement -
بلوچستان جي علائقي قلات ۾ سڪيورٽي فورسز جي آپريشن دوران 4 دهشتگرد مارجي ويا، مارجي ويل دهشتگردن جي قبضي مان وڏي تعداد ۾ هٿيار ۽ بارود هٿ ڪيو ويو آهي.
آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته بلوچستان جي علائقي قلات ۾ ڪارروائي دوران چار دهشتگرد مارجي ويا آهن.
مارجي ويل دهشتگردن جي قبضي مان هٿيار ۽ بارود هٿ ڪيو ويو آهي.
آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته دهشتگردن جي خاتمي لاءِ علائقي ۾ ڪليئرنس آپريشن جاري آهي.
آءِ ايس پي آر موجب سڪيورٽي فورسز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ اداري دهشتگردي ٽوڙ مهم جاري رکندا ته جيئن پرڏيهي حمايت يافتا دهشتگردي جو مڪمل خاتمو آڻي سگهجي.- Advertisement -
