بچاءَ واري وزارت پاران ڪراچي ۾ پاڪستان جي دفاعي صنعت کي هٿي ڏيڻ لاءِ عالمي نمائش منعقد

- Advertisement -
پاڪستان جي ڊيفنس انڊسٽري کي هٿي ڏيڻ لاءِ بچاءَ واري وزارت (ڊي اِي پي او) جي ڪراچي ۾ عالمي نمائش منعقد ڪئي وئي. آئيڊياز جو 12هون ايڊيشن 19 کان 22 نومبر 2024ع تائين ڪراچي ايڪسپو سينٽر ۾ منعقد ٿيندو. ايس آءِ ايف سي جو مقصد پاڪستان جي دفاعي صنعت کي عالمي سطح تي مستحڪم ڪرڻ آهي. ان نمائش ۾ جديد ۽ روايتي بچاءَ جي سامان جو ڀرپور مظاهرو ڪيو ويندو جيڪو پاڪستان جي صنعتي ترقي جي عڪاسي ڪري ٿو. دفاعي پيداوار ۾ هٿيار، ٽينڪ، جنگي جهاز، هيلي ڪاپٽر، سامونڊي جهاز، ڊرون، ميزال، سائبر ڊيفنس، سيٽلائٽ ۽ اليڪٽرانڪ وارفيئر سسٽمز شامل آهن. اها نمائش غير ملڪي وفدن، حڪومتي عهديدارن ۽ نمائش ڪندڙن وچ ۾ موثر نيٽ ورڪنگ فراهم ڪري ٿي. آئيڊياز 2024ع ۾ ايشيا، وچ اوڀر ۽ ڏکڻ اولهه ايشيا جي اهم ملڪن خاص ڪري سعودي عرب، گڏيل عرب امارات، قطر، بحرين، ترڪي، ايران، يمن، چين، ڀارت، جاپان، ملائيشيا، سنگاپور ۽ ٻين ملڪن شموليت ڪئي. ايس آءِ ايف سي جو مقصد پاڪستان جي دفاعي صنعت کي عالمي سطح تي اجاگر ڪرڻ آهي جنهن سان قومي سلامتي کي يقيني بڻائي سگهجي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
20.1 ° C
20.1 °
20.1 °
13%
1.8m/s
10%
اڱارو
19 °
اربع
20 °
خميس
20 °
جمعو
19 °
ڇنڇر
19 °

تازه ترين خبرون