تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

تحريڪ انصاف اڳواڻ صمصام بخاري طرفان پي ٽي آءِ چيئرمين جي 9 مئي واقعن ۾ ملوث هئڻ جو اعتراف

- Advertisement -
- Advertisement -
- Advertisement -

تحريڪ انصاف اڳواڻ صمصام بخاري طرفان پي ٽي آءِ چيئرمين جي 9 مئي واقعن ۾ ملوث هئڻ جو اعتراف، وزيراعظم جي خاص مددگار عطا تارڙ، صمصام بخاري جي آڊيو جاري ڪري ڇڏي، سندس چوڻ آهي ته تحريڪ انصاف چيئرمين جي گرفتاريءَ تي ڪنهن احتجاج نه ڪيو آهي، اڳوڻي وزيراعظم سياسي مخالفن کي انتقام جو نشانو بڻايو، انقلاب جون ڳالهيون ڪندڙ جيل ۾ سهولتون نه ملڻ تي ڇو روئي رهيو آهي؟.

اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي عطا تارڙ چيو ته تحريڪ انصاف چيئرمين جي گرفتاريءَ تي سڄي ملڪ ۾ رڳو 7 ماڻهو نڪتا، پرامن احتجاج هر شخص جو جمهوري حق آهي.

سندس چوڻ هو ته تحريڪ انصاف مخالفن ۾ جيلن ۾ ڪابه سهولت نه ڏني، پي ٽي آءِ چيئرمين سياسي مخالفن کي بدترين انتقام جو نشانو بڻايو.

وزيراعظم جي خاص مددگار عطا تارڙ چيو ته تحريڪ انصاف سربراهه ماڻهن کي سرڪاري ملڪيتن تي حملن لاءِ ڀڙڪايو، اوهان ته انقلابي هئا، جيل ۾ سهولتن لاءِ ڇو روئي رهيا آهيو؟.

هن چيو ته تحريڪ انصاف چيئرمين عوام ۾ نفرت جو ٻج پوکيو، اڳوڻي وزيراعظم ماڻهن ۾ ورهاست پيدا ڪئي، پي ٽي آءِ چيئرمين جي 9 مئي واقعن ۾ ملوث هئڻ جي آڊيو سامهون آئي آهي.

وزيراعظم جي خاص مددگار عطا تارڙ پريس ڪانفرنس دوران تحريڪ انصاف اڳواڻ صمصام بخاري جي آڊيو جاري ڪري ڇڏي، صمصام بخاري 9 مئي واقعن ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين جي ملوث هئڻ جو اعتراف ڪيو.

وزيراعظم جي خاص مددگار عطا تارڙ چيو ته آڊيو موجب پي ٽي آءِ ڪور ڪميٽي اجلاس ۾ فوجي ٿاڪن تي حملن جو چيو ويو، واضح ٿي ويو ته 9 مئي حملن جو ماسٽر مائنڊ تحريڪ انصاف چيئرمين آهي، اڳوڻو ڀارتي فوجي به اقرار ڪري رهيو آهي ته اڳوڻي وزيراعظم جي گرفتاري سان ڀارت کي نقصان ٿيو آهي.

- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
23.2 ° C
23.2 °
23.2 °
27 %
4.2kmh
0 %
جمعو
25 °
ڇنڇر
23 °
آچر
25 °
سُومر
26 °
اڱارو
28 °

تازه ترين خبرون