تازه ترين

تحريڪ انصاف دهشتگردن سان ڳالهين جي حمايت ڪري رهي آهي: بچاءَ واري وزير خواجه آصف

- Advertisement -
- Advertisement -

بچاءَ واري وزير خواجه آصف چيو آهي ته تحريڪ انصاف دهشتگردن سان ڳالهين جي حمايت ڪري رهي آهي، افغان حڪومت سان ڪيترن ئي سالن کان ڳالهين باوجود رتوڇاڻ بند نه ٿي سگهي، ڪيترن ئي سالن کانپوءِ فوج ۽ عوام جو رت وهايو پيو وڃي، روزاني فوجي جوانن جا جنازا کڄي رهيا آهن.

سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ايڪس تي جاري ڪيل بيان ۾ خواجا آصف چيو ته هزارين طالبان کي پي ٽي آءِ باني پاڪستان ۾ آڻي آباد ڪيو، اڄ به تحريڪ انصاف دهشتگردن سان ڳالهين حمايت ڪري رهي آهي،

سندس چوڻ هو ته سالن کان سندن فوج ۽ عوام جو رت وهايو پيو وڃي، افغان حڪومت سان سالن تي ٻڌل ڳالهين ۽ وفدن جي ڪابل اچڻ وڃڻ باوجود پاڪستان ۾ رتوڇاڻ بند ناهي ٿي.

بچاءَ واري وزير چيو ته روزاني فوجي جوانن جا جنازا کڄي رهيا آهن، 60 لک افغان پناهگيرن جي 60 سالن جي مهمان نوازري جي قيمت هو پنهنجي رت سان ادا ڪري رهيا آهن.

خواجا آصف چيو ته وقت اچي ويو آهي ته افغان مهمان پنهنجي گهرن ڏانهن وڃن ۽ اها مفت بري ۽ محسن ڪشي بند ڪريو، اهي ڪهڙا مهمان آهن جيڪي ميزبانن جو رت وهائيندا آهن ۽ قاتلن کي پناهه ڏيندا آهن….

- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
4 watching
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
Pakistan
clear sky
23.7 ° C
23.7 °
23.7 °
14 %
2.4kmh
0 %
ڇنڇر
24 °
آچر
24 °
سُومر
23 °
اڱارو
23 °
اربع
24 °

تازه ترين خبرون